عام واهپي وارين شين جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ هدايتون ڪيون آهن: حفيظ شيخ

اسلام آباد:- وزيراعظم جي ناڻي واري مشير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته سڄي ملڪ ۾ عام واهپي وارين شين جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ سمورن ڌُرين کي صوبن سان گڏجي سمورا ضروري قدم کڻڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي ناڻي وزارت ۾ ملڪ ۾ عام واهپي وارين شين جي قيمتن جي صورتحال بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم جي مشير کي گذريل سالن جي دوران عام واهپي وارين شين جي قيمتن جي صورتحال، قيمتن جي رجحان ۽ عالمي مارڪيٽ جي چٽاڀيٽي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ کي عام واهپي وارين شين جي قيمتن تي ضابطو رکڻ ۽ رمضان شريف سميت ايندڙ مهينن ۾ قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ کنيل قدمن بابت کيس ٻُڌايو ويو. هن هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ عام واهپي وارين شين جي قيمتن کي معمول تي رکڻ لاءِ صوبن سان گڏجي مربوط قدم کنيا وڃن. هن چيو ته عام ماڻهوءَ تان بار گهٽائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.