عالم جي احتجاجن کان عُلمائن جي مارچ تائين ||| بخشل ٿلهو

“ڪفر ٽوٽا خُدا خُدا ڪرڪي” دنيا سڄي پنهنجي سياست سميت لڳي ٿو وري ڪو پاسو مٽائڻ جا سانباها ڪري پئي. “تاريخ جي خاتمي” جا اعلان ڪندڙ، پنهنجي ان ٿيسز جي خاتمي جا اعلان به ڪري چُڪا. رياستن مٿان سخت رجعتي قوتن (ٽرمپ، مودي، خان) جي بظاهر ساڪن پڪڙ هيٺ سماجن جي گرميءَ پد (احتجاجن) ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اچو ته عالم کان (پاڪستان جي) علمائن تائين جاري اهڙن احتجاجن تي هڪ مٿاڇري نظر وجهون.
هر طرف آگ هي برابر لگي هوئي:
پوئين هفتي تقريبا سڄي دنيا اندر عام عوام جا وڏا احتجاج ڏسڻ ۾ آيا آهن. لبنان ۾ واٽس ايپ ڪال جي قيمت وڌڻ ، اڪواڊور ۾ تيل جي سبسڊي جي خاتمي، چليءَ ۾ سفري ڀاڙي ۾ واڌ خلاف لکين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. لائبيريا، گِني ، عراق ۽ ميڪسيڪو ۾ ڪرپشن خلاف ۽ هانگ ڪانگ ۾ بل جي واپسي کانپوءِ به عوام جو وڏو انگ احتجاج ۾ روڊن تي نڪتل نظر آيو. يورپ اندر نظر ڦيرائجي ته ڪيٽيلونيا جي قيادت کي جيل ڀيڙو ڪرڻ خلاف بارسلونا ۾ عوامي مزاحمت ڏسڻ ۾ آئي. هالينڊ ۾ به آبادگارن ملڪ جي موٽر وي بند ڪري ڇڏيو ۽ ايئن فرانس ۾ سال کان هلندڙ تحريڪ (ييلو ويسٽ) اڃا به زورن شورن سان جاري رهي. بظاهر بهانا ننڍا اشوز آهن. پر اصل ۾ نشانو حڪومتن پاران مڙهيل نيولبرل معاشي پاليسيون آهن. جنهن اسانجي ملڪ جيان هر هنڌ حياتي کي مهانگو ۽ موت کي سستو ڪري ڇڏيو آهي. ايئن نظر اچي ٿو ته احتجاج ننڍن ننڍن مقامي مامرن کان شروع ٿين ٿا پر جلد ئي ملڪي ۽ پوري خطي جي سطح تائين ڦيهلجي وڃن ٿا ۽ عالمي مالياتي ادارن جي اشارن تي نچندڙ حڪومتن ۽ انهن جي ڪارپوريٽ پاليسين مٿان سوال پيدا ڪن ٿا. ٿورو اڳ اسان ڏٺوسين ته ارجنٽينا ۾ به تازي ٿيل اليڪشن جي نتيجن ۾ نيولبرل ۽ عوام جي مقابلي ۾ عوام (Alberto Fernandez) کٽيو آهي ۽ نيو لبرل نمائدن کي شڪست ٿي آهي. ڇا عالمي سياست ۽ مزاحمت هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهي آهي؟ ٿي سگهي ٿو. 2011 دوران وچ اوڀر جي مزاحمتن به هڪ سبق سيکاريو هو ته هاڻ ويهين صديءَ وانگي انقلابَ، بحران َ۽ جنگيون ڪنهن ملڪ يا خطي تائين محدود ناهن رهڻيون. اها ڳالهه سامراج کي تڏهن به جيئن سمجهه ۾ آئي هئي ته هُن جلد ئي وچ اوڀر ۾ مداخلت ڪري، انتهاپسند قوتن کي منظم ڪيو ۽ لبيا ۽ شام سان پنهنجا پُراڻا پلاند سِڌا ڪيا هُئا. 2008 ۾ آيل مالياتي بحران جنهن ۾ آمريڪا ۽ برطانيا جي وڏيون بيئنڪون (ليهمن برادرز ۽ آر بي ايس) ڏيوالپڻي جي ور چڙهي رهيون هيون تڏهن به اُنهن کي موجود نظام جو ڳر سمجهندي، عام ماڻهوءَ جي پيسي ۽ قيمت سان بيل آئوٽ ڪري بچايو ويو هو. ماڻهن ته تڏهن ئي سمجهيو هو ته اسان هڪ اهڙي جُڳ ۾ جيئرا آهيون جنهن ۾ سک (gain)ڪجهه نجي هٿن (privatized) ۾ ۽ سور (pain) سڀ جا (nationalized) آهن. سو اُهو بحران ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڃا تائين جاري آهي جنهن جي قيمت ٽين دنيا جي معيشتن ۽ انهن جي وسلين کي نپوڙي حاصل ڪئي وڃي ٿي. معاشي ماهر ٻُڌائين ٿا ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ڪافي سارا مُلڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويهجي ويندا. لازمي طور سياسي، معاشي ۽ سماجي طور تي ڳنڍيل هن جديد دنيا ۾ ان جا اثر محدود ناهن رهڻا. ايئن اسان ڏسون ٿا ته معاشي، سياسي، ماحولياتي بحران دنيا کي هڪ نئين تضاد ۽ تحريڪ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن جنهن جي سطح ۽ سگهه هاڻ اڳ جي ڀيٽ ۾ تهان وڌيل ۽ ڦهليل هوندي. اسان وٽ (پاڪستان ۾) ڇا صورتحال آهي؟
مهانگائي، مزاحمت ۽ مولانا مارچ:
پي ٽي آءِ جي ڪٺ پُتلي حڪومت سياست ( ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسي) بوٽ جي کُڙيءَ مان سوچيندڙن جي هٿ ۾ ۽ معيشيت (خزاني واري وزارت ۽ اسٽيٽ بيئنڪ) آئي ايم ايف جي جهولي ۾ اُڇلي ڇڏي آهي. نتيجو: عام ماڻهو ريڪارڊ ٽوڙ مهانگائي جي ٽياس تي ٽنگيل آهي ۽ هر صورت سراپا دانهن آهي. تازو ئي واپاري پڻ ڏينهن ڏيڍ جو ڪامياب احتجاج ڪري حڪومت کان مطالبا منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. مٿان فضل الرحمن (جي يو آئي (ف)) به مهانگائي جو ايجنڊا ۽ عمران خان جي استيفعي جو مطالبو کڻي، پنهنجي هزارين ڪارڪنن سان اسلام آباد پُهتل آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته جي يو آئي (فضل الرحمن) طرفان نج معاشي سياسي مطالبن لاءِ مارچ جو فيصلو هڪ وقتائتو عمل آهي. جڏهن پگهاردار ڪجهه هزار ماڻهو (خادم حسين رضوي يا طاهر القادري) گادي واري شهر کي بند ڪري سگهن ٿا ته پوءِ جي يو آءِ ته ڏهاڪن سالن جي تاريخ رکندڙ هڪ منظم سياسي تنظيم آهي، جنهنجا پنهنجا سوين مدرسا ۽ هزارين طالب ميمبر آهن. ۽ وري جڏهن ظاهر يا لڪل پر حزبِ اختلاف جي به کين مدد هجي ته پوءِ باقي ڇا کپي.؟ درحقيقت مامرو شروع ۽ ختم ٿئي ئي پنجاب کان ٿو. ڇو ته پنجاب ۽ ٿورو گهڻو پختونخواهه ئي رياست، اسٽيبلشمينٽ يا ساڄي ڌر جي سياست جو رڌڻو آهي ۽ هيل رڌڻي ۾ رولو پيل آهي. ان رولي يا بدليل ماحول ۾ پختونخواهه مان پي ٽي ايم ۽ پنجاب مان ن ليگ کيس سامهان ٿي بيٺي آهي. اهو ڪو پهريون دفعو ڪونهي جو نوازشريف جو عسڪري اسٽيبلشمينٽ سان تضاد ٿيو آهي. مشرف آمريت به نواز حڪومت جو خاتمو ڪري مڙهي وئي هُئي. پر تڏهن ن ليگ جي گُجي ايتري وڏي ڪانه هُئي ۽ نواز جيل وڃڻ بدران سوڙهي گهٽيءَ مان ملڪ کان نڪرڻ کي ئي بهتر سمجهيو هو. پر هاڻ صورتحال بدليل آهي. هو ملڪ کان نڪرڻ جي آپشن کي رد ڪري ٿو ۽ ان هاڻوڪي همت ۾ سندس ڌيءَ مريم جو وڏو هٿ آهي. جڏهن ته ن ليگ جو ٻيو ڌڙو (شهباز شريف) جنهن کي “ڊيل گروپ” به سڏيو وڃي ٿو، سو پنهنجي نالي جي لڄ رکڻ لاءِ ته جهڙوڪ هر وقت تيار هوندو آهي. پر ان ڌڙي جا سماجي بنياد پي ٽي آءِ وانگي ڪمزور آهن. اُن جي ابتڙ ن ليگ جي سخت اسٽينڊ پُٺيان پنجاب جي ان وچولي واپاري طبقي جا مفاد آهن، جيڪو هندستان سان مامرا سڌا ڪرڻ گهري ٿو ۽ عسڪري ادارن جي وڌندڙ معاشي طاقت سان بنا ڪنهن سياسي طاقت جي چٽا ڀيٽي نه ٿو ڪري سگهي. اڄ پنجاب جو عام ماڻهو جهڙي ريت فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهائي ٿو، تنهن تي ٻين قومن جا ماڻهو اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته “اِهي ڏينهن منهنجا مولا، توکان مون گهريا ها”. پر سوال اِهو آهي ته پاڻ وڏن سان جتي ن ليگ ۽ پي پي جهڙيون وڏيون پارٽيون سڌو ٿي نه ٿيون وڙهي سگهن، اُتي جي يو آئي اهو ڪم ڪيئن ڪري وئي؟ ان جو جواب خود حڪومت جي پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ فيصلن منجهه لڪل آهي. مهانگائي ته ماڻهن جون متيون هوئين ئي منجهايون هيون، مٿان مخالف سياسي قوتن کي جيل ڀيڙو ڪرڻ، ويهارو کن جنرل متاثر ڪري جنرل باجوا جي مُدي ۾ واڌ (extension)ڪرڻ ، ۽ آخر ۾ هر شعبي ۾ اندر پنهنجي نااهليت کي ثابت ڪرڻ کانپوءِ عوام ته پنهنجي جاءِ تي پر اصل واڳ ڌڻي به پريشان ٿي ويا آهن. چئي سگهجي ٿو ته اسٽيلبشمنيٽ 20 سال جنهن پوش (mask) تي ڪم ڪري ان ۾ پاڻ کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي سو سندس منهن تي اڄ پورو ڪونه پيو اچي. اهو ئي سبب آهي جو جيڪو گهران رُسي ٿو سو حڪومت گهٽ پر فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ جو نالو گهڻو ٿو کڻي. اهڙي صورتحال ۾ فضل الرحمن گهڻي ڪوشش گهڻي ڪئي ته هو نواز شريف ۽ زرداري کي گڏي ڪري هڪ حڪمت عملي جوڙي ۽ حڪومت سان گڏ کين آڻيندڙ اسٽيبلشمينٽ کي ڪجهه ڏکيا ڏينهن ڏيکاري پر ٻين ٻنهي ڌرين، هڪٻئي سان ڪيل ڪلورن ، بي اعتمادي ۽ اسٽيبلشمينٽ وٽ پوريل سندن اور هئڻ سبب پردي پُٺيان رهڻ تي زور ڏنو ۽ ايئن جي يو آءِ اڳيان ٿي. ٻين لفظن ۾ ساڄي ڌر (اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ) پاران پيدا ڪيل، واڌيل بحران جي جواب ۽ مزاحمت ۾ نڪتل وري به ساڄي ڌُر آهي. پهرين ڏاڪي ۾ نڪري ئي اُها سگهي پئي. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشميٽ جيڪا سموري ساڄي ڌُر جي سڳي ماءُ آهي، تنهن کي پنهنجا سڀ ٻچا ته پيارا آهن پر اُن جو اصل پيار آهي ئي سنگهاسن (تّخت) سان. تنهن ڪري هڪڙن ٻچن کي اڳيان ڪري، ٻين کي پوئتي ڪرڻ يا هر ڪنهن کي پنهنجي بدليل طاقت آهر جاءِ ڏيڻ انهن لاءِ ڪو وڏو مسئلو نه آهي. مسئلو آهي، عوامي، نظرياتي کاٻي ڌُر، جيڪا لکيل اسڪرپٽ تي عمل ناهي ڪندي ۽ ان لاءِ مين اسٽريم سياست جا مٿن در بند ڪيل آهن پر ان منجهان مراد اها ڪونهي ته اهي هميشه بند ئي رهندا يا عوامي قوتون ڪٿي آهن ئي ڪونه. سياست، صحافت ۽ فن کي آمريتن ۽ مارشلائن واري دور جيان جبر ۽ پابندين هيٺ سوڙهو ۽ سوگهو ڪرڻ وارو عمل جئين جيئن وڌي پيو تيئن تيئن ان خلاف رد عمل به سامهون اچي پيو. تازو ڪراچي اندر بينالي فن نمائش (ڪلنگ فيلڊز آف ڪراچي) کي جهڙي ريت جبري طور بند ڪري ڊاٿو ويو. تنهن جي جواب ۾ سڄاڻ ماڻهن ۽ تنظيمن (محترمه غنواي ڀُٽو سميت) احتجاج ڪري ڊاٿل علامتي قبرن مٿان ليٽي هڪ سگهارو جواب ڏنو آهي. هاري ۽ آبادگار، پاڻي کوٽ ، نقلي ٻجن ۽ فصلن جي گھٽ اگهه خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ نڪرندا رهندا آهن. مختلف ٽريڊ يونين سميت استادن (آءِ بي اي ۽ سنڌ يونيورسٽي) به احتجاجن ۾ ها، ته نوابشاهه ۾ شاگردن جي احتجاج مٿان به چاڙهه ڪيو ويو.اسان ڏٺوسين ته سنڌ اندر شاگرد يونين جي حوالي سان وڏيون ريليون سامهون آيون. بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ به شاگردن جا وڏا احتجاج سامهون آيا. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اسان لاهور ۾ به شاگردن ۽ هارين جا وڏا احتجاج ڏسنداسين ۽ ڪو عجب ڪونهي ته اسيمبليءَ ۾ علي وزير وارا شاگرد يونين جي حوالي سان ڪجهه ڏينهن ۾ ڪو بل به پيش ڪن. پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ صحت جي شعبي جي نجڪاري خلاف ڊاڪٽر به روڊن تي آهن. ايئن عوام ۽ عوامي قوتون پاڻ سماجي سطح تي احتجاجن کي ماليڪيولر سطح تي منظم ڪري رهيون آهن. ان جو اثر آهي جو خود مٿيئن سطح جي بند سياسي در منجهه به ڏار پوڻ شروع ٿي ويا آهن. ٻُڌڻ ۾ اچي پيو ته جي يو آئي جي ڌرڻي ۾ (ن ليگ جا ڪارڪن ته شامل هيا) اي اين پي (اسفنديار ولي) پختونخواهه ملي عوامي پارٽي (محمود خان اچڪزئي) نيشنل پارٽي (حاصل بزنجو) سميت ٻيون پارٽيون به شامل ٿينديون. ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اهي سڀ پارٽيون اقتداري حڪمران طبقي ۽ عوامي سياست جي وچ واريون (بفر) قوتون رهيون آهن. ايئن لڳي ٿو ته حڪمران طبقي جو تضاد هاڻ آهستي آهستي هيٺ لهي رهيو آهي. عوامي ۽ کاٻي ڌر جون قوتون ڪهڙي ريت ان دنگل ۾ لهنديون سو اڃا سڀاڻ جو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جي جواب جون تياريون اڄ جي سياسي منظرنامي ۾ ئي ٿينديون.