عالم اديب ۽ تعليمي ماهر “شيخ محمد اسماعيل ” ليکڪـ : طارق عزيز شيخ

سنڌي ادب ۾ اھڙا ماڻھو تمام ٿورا ھوندا جيڪي بغيرڪنهن غرض ۽ لالچ جي خدمت ڪندڙ ھجن. اھڙن ئي خدمت گذارن مان شيخ محمد اسماعيل به ھڪ ھو، جنھن اھم موضوعن تي ڊ گھي عرصي تائين علمي پورهيو ڪري سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو. سندس علمي پورهيو لوڪ ادب، لغات، لطيفيات، تاريخ، تحقيق ۽ انسائيڪلوپيڊيا جي ضخيم پروجيڪٽس ۾ ڪيل آهي.
شيخ محمد اسماعيل جو جنم حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي ۾ 21جنوري 1926ع تي احمد شيخ جي گھر ۾ ٿيو. سندن والد پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو جنهن ڪري سندن گھر ۾ به تعليمي رجحان رھيو. انگريزن جي دور ۾ تعليم کاتي کي ٻين کاتن جي ڀيٽ ۾ پھرئين ترجيح مليل هئي، انھيءَ ڪري انگريزن جي دور جو تعليمي معيار به تمام بھترين ھو. مسلمانن کي علمي اھليت تي نوڪري حاصل ڪرڻ به ڄڻ شينهن جي وات مان شڪار ڇڏائڻ برابر ھوندو ھو. احمد شيخ اهڙي زماني ۾ نه فقط تعليم کاتي جو مڃيل استاد رهيو پر خلافت تحريڪ ۾ به سرگرم رھيو. شيخ محمد اسماعيل جي تربيت به اھڙي والد جي نگرانيءَ ۾ ٿي، جنھن ڪري سندس مزاج ۾ به ساڳيا والد وارا گڻ شامل ٿيا. ھن پنھنجي والد جي صلاح سان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ 1948ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. شيخ محمد اسماعيل ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو ھو، جڏھن ته سندس ننڍن ڀائرن ۾ محمد يوسف شيخ، محمد ابراهيم شيخ ۽ شيخ عزيز هئا. والد صاحب جي سٺي تربيت سبب اڳتي ھلي سڀئي پنھنجن پنهنجن شعبن ۾ نالو ڪڍيو ۽ ڪامياب ٿيا. محمد يوسف شيخ ايريگيشن آفيسر ھو. ابراهيم شيخ ريڊيو پاڪستان جو مشھور ڊراما پروڊيوسر رھيو جڏهن ته شيخ عزيز صحافت جي ميدان ۾ پھرئين صف جي صحافين ۾ اچي بيٺو.

شيخ محمد اسماعيل جيئن ته درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل ھو تنھنڪري ھن پنھنجي استاد برادري جي فلاح لاءِ پڻ ساراھ جوڳو ڪم ڪيو. شيخ صاحب پرائمري اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن جو باني اڳواڻ ھو. سندس استادن لاءِ ڪيل جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهم ۽ پراڻا مطالبا منظور ڪيا ويا. شيخ محمد اسماعيل لاتعداد لائق نوجوانن کي ٽيچنگ توڙي نان ٽيچنگ عملي طور ڀرتي ڪرايو.
اهڙي ريت هن ڪجھ يادگار ۽ اهم ڪارناما ڪيا. ڏسڻ ۾ سادو پر استادن جي حقن لاءِ سخت ويڙهه ڪندڙ اڳواڻ ثابت ٿيو، هن استادن جي ڀلائي واري تنظيم پ ٽ الف جي بنياد کان وٺي ان جي وڌڻ ويجهڻ واري زماني تائين رهنمائي ڪئي. استادن جي پگهار وڌائڻ، وڌيڪ اسڪول کولڻ، استادن جي ٽريننگ، تعليم کاتي ۾ استادن مان اسٽاف کڻڻ ۽ تدريسي سرشتو وڌائڻ لاءِ يادگار جدوجهد ڪئي.
گورنر نور خان جي ڏينهن ۾ استادن کي وٺي گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻي، تعليمي پاليسي موجب سنڌ جي پرائمري استان کي اعلانيل حق ڏياريا، هي 1969ع جي پڇاڙي ۽ 1970ع جي شروع وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن تڏهوڪي حڪومت جولاءِ ۾ تعليمي پاليسي جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ استادن جون پگهارون وڌائڻ، تعليم بالغان جو پروگرام ۽ مفت تعليم ڏيڻ جو حڪومت اعلان ڪيو هو پر ان تي ڪو عمل درآمد نه ڪيو ويو هو، اهو ئي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي پرائمري استادن کي گڏ ڪري شيخ محمد اسماعيل اڳواڻي ڪندي ڌرڻو هنيو هو، جيڪو مطالبن جي منظوري تائين ڌرڻو قائم رهيو. پوليس ۽ فوج ويجهو ايندي هئي ته پاڻ اڳتي وڌي چوندو هو ته ”بابا استاد آهيون، تعليمي اداري سان واسطو آهي، وڳوڙ ڪرڻ نه آيا آهيون، ڇهن مهينن کان سرڪاري اعلان باوجود حق نه مليو آهي ته ياد ڏيارڻ آيا آهيون، توهان پنهنجن استادن جو احترام ڪندا ته توهان جو احترام ٿيندو“ اهڙا گفتا ٻڌي چيڙاڪ يا سخت طبيعت وارا اهلڪار به ٿڌا ٿي واپس مڙي ويندا هئا، مرحوم شيخ اسماعيل تعليم کاتي ۾ ڀرتي به لاتعداد نوجوان ڪرايا، تعليم جي بنياد تي ٽيچر، ڪلارڪ ۽ پٽيوالا کاتي ۾ لڳرايائين، طبيعت ۾ ٿڌو مزاج ۽ ملنسار هو. ڪنهن به ضرورتمند کي نااميد نه ڪندو هو، پاڻ قرض کڻي ٻئي جي گهرج پوري ڪري ڏيندو هو پوءِ اڳلو پئسا موٽائي نه ڏئي ته اهي به پاڻ لاهيندو هو. استادن کي سنڌ جي صوفي بزرگن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست وغيره جي ادبي پروگرامن ۾ وٺي ويندو ھو. ٽيچرز برادريءَ کي هر سال موڪلن واري مدي ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن تي وٺي وڃڻ، اسٽيڊي ٽوئر ڪرائڻ به هن جي عادت ۾ شامل هو، اهڙي ريت عمرڪوٽ، مڪلي، ڪينجهر ڍنڍ، منڇر ڍنڍ، موهن جو دڙو، ڀنڀور، ڀٽ شاهه، ٺٽو ۽ تاريخي مقام ڏيکاريندي انهن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو، شيخ اسماعيل پنهنجي اسٽاف لاءِ آئيڊيل هيڊ ماستر هو، سنڌ ۾ شل ئي ڪو اهڙو هيڊ ماستر هوندو جنهن ۾ ايتريون خوبيون هجن.
شيخ محمد اسماعيل پاڻ علمي ادبي ذوق شوق رکڻ سبب اديبن ۽ عالمن جي صحبت ۾ رھندو آيو ھو. انھيءَ ڪري سنڌ جي نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان سنڌي ادبي بورڊ جي اهم اسڪيمن ۾ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ پوءِ اھو ساٿ پنجن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي تائين ھلندو رھيو.
شيخ محمد اسماعيل مرحوم سنڌي ادب جي خاموشيءَ سان بي لوث خدمت ڪئي، هن جيڪي جيڪي پروجيڪٽ هٿ ۾ کنيا، انهن کي نهايت سچائي سان نڀايائين. جيڪڏهن انهن اهم ۽ تاريخي ڪمن بابت ٿورو به ذڪر ڪبو ته سنڌ جي قداور شخصيتن بابت تڪراري بحث شروع ٿي ويندا ۽ انهن جي ڪريڊٽ جي آيل ڪم تي شڪ شبو پيدا ٿي ويندو، انهيءَ ڪري هتي نامياري اديب آفتاب ابڙي جي طرفان مرحوم شيخ محمد اسماعيل بابت هي لکيل سٽون درج ڪندس.

”شيخ اسماعيل، سنڌ جي انهن خاموش عملي ڪارڪنن منجهان هڪ آهي، جن جي محنت کي ڪڍي ڇڏجي ته هوند موجوده سنڌي علم ادب جي عمارت کي لوڏو اچي وڃي“ (ڪتاب: شاه لطيف بحيثيت مفڪر، سھيڙيندڙ: آفتاب ابڙو)
مرحوم شيخ صاحب سنڌي لوڪ ادب اسڪيم جي سمورن واليمن جي تياريءَ لاءِ علمي توڙي سياحتي کوجنا ڪئي ۽ وڏي محنت سان ڪتاب جوڙيائين. سنڌي ادبي بورڊ جي ناياب ڪتابن ۾ اهي ئي ڪتاب سنڌي ادب جو اهم سرمايو آهن، جامع سنڌي لغت لاءِ ڪيترن ئي ڳوٺن، وستين ۽ برادرين سان ملي، لفظن کي ڪٺو ڪرڻ ۽ پوءِ انهن جون معنائون لکڻ وارو ڏکيو ڪم هن ڏاڍي دل لگي ۽ جفا ڪشيءَ سان ڪيو.
سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جو ڪورس بهتر ڪرڻ ۽ هر درجي جي نصاب کي سولو توڙي معلوماتي ڪرڻ لاءِ به هن جي معاونت رهندي آئي ھئي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پرائمري سطح تائين ڪورس جي ڪميٽي ۾ رھيو. هن ٻارڙن جي دلچسپي پٽاندڙ ڪورس ڏانهن وڌيڪ زور ڀريو هر سال نصاب ۾ وقت آهر ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو.
شيخ اسماعيل جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمت تي هڪ نظر وجهون ته حيرت ٿيندي ته هن اڪيلي شخص هڪ اداري جيان ضخيم ۾ پورهيو ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ پاران لوڪ ادب جا چاليهه واليم جنهن ۾ لوڪ داستان لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ شاعري، تاريخي، واقعا، عشقيه قصا، ڳجهارتون، پروليون ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، انهن جي مواد لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ وڃي سينه به سينه هلندڙ ڳالهين، ڪهاڻين ۽ ڏاڍي دلجوئي سان ڪم ڪيو پر شرط اهو هوندو هو ته اهڙي محنت ۾ سندس نالو فقط معاون هجڻ ۾ لکجي ايندو هو، اهڙي ريت سوين ڪتاب تيار ٿيا.
سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ جڏهن ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا چيئرمين بڻجي آيو تڏهن شيخ اسماعيل کي هڪڙي پروجيڪٽ ”سنڌ يا نا انسائيڪلو پيڊيا“ جي آڇ ڪيائين، جيڪا هن قبولي، سندس زندگيءَ جا آخري ڇهه ست ورهيه هئا، جنهن ۾ هن انسائيڪلو پيڊيا جهڙو ڏکيو ۽ ڊگهو پروجيڪٽ شروع ڪيو، پهريون واليم تيار ٿيو ته ڊاڪٽر الانا صاحب جي چيئرمين شپ ختم ٿي ۽ بعد ۾ اچڻ واري چيئرمين سمورن ڪتابن جي ڇپائي روڪائي ڇڏي، الانا صاحب جي زماني وارا ڪتاب سنڌي ادب جي نامياري دانشور ۽ ماهر تعليم ڊاڪٽر فهميده حسين ڇپرايا، ميڊم فهميده ايمانداري کان ڪم وٺندي شيخ اسماعيل جو نالو پهرين واليم ۾ نگران طور ڏنو، ان کان علاوه جڏهن شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر هئي، تڏهن به ”سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت“ شيخ اسماعيل کان نظرثاني ڪرائي هئائين ته انهي پروجيڪٽ ۾ به سندس نالو مٿان ڏنو اٿس. اھا ديانتداري چئبي آھي.
مٿئين ڳالهه سان گڏ ھتي افسوس ان جي ابتڙ ڳالهه جو به ڪجي ٿو ته پنهنجي حياتيءَ جو وڏو عرصو جنهن شخصيت لاءِ تحقيقي ڪم ڪيائين، وستيون واهڻ ڀڄ ڊڪ ڪيائين، انهيءَ سندس قدر نه ڪيو ۽ شيخ اسماعيل جي محنت پنهنجي نالي ۾ شايع ڪرائيندو رهيو ۽ نالو ڪمائيندو رهيو.
شيخ اسماعيل لطيفيات تي تمام گهڻو ڪم ڪيو جنهن جي اعتراف ۾ سندس وفات واري سال ثقافت کاتي پاران لطيف ايوارڊ کيس مليو جيڪو سندس ويجھي دوست، نامياري عالم ممتاز مرزا جي پٽ سجاد مرزا وصول ڪيو هو. مرحوم شيخ محمد اسماعيل جي زندگيءَ ۾ ڪجهه شخصيتون نهايت قريب رهيون. ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ حميد آخوند انهن ۾ خاص ھئا، جڏهن ته محمد حسين ڪاشف، محمد يعقوب ميمڻ، عبدالڪريم سنديلو، ولي محمد طاهر زادو، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقيوم صائب سميت هڪ ڊگهو حلقو آهي قلمڪارن جو جيڪو کيس قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندو هو. شيخ اسماعيل مرحوم جي پنهنجي ڪم سان مخلص ۽ ديانتدار رهڻ هن جي خوبي هئي ۽ اهو ئي هن جي ڪاميابي جو راز هو.
مطالعي ۾ تمام گهڻو شوق رکندو هو، اسٽالن تي نوان ڪتاب ڏسندو رهندو هو ته ڪيتري به ڳري قيمت وارا هجن هو خريد ڪندو هو، پاڻ پڙهندو هو ۽ ٻين کي به پڙهائيندو هو. ڪيترائي قيمتي ڪتاب پاڻ پڙهڻ بعد مطالعي جي دلچسپي رکندڙ دوستن ۽ واسطيدارن کي ڏئي ڇڏيندو هو. شيخ صاحب مرحوم تمام مصروف ماڻهو هوندو هو، صبح اٺين وڳي کان رات نوين وڳي تائين اسڪول ۽ پوءِ سنڌي ڊڪشنري آفيس يا ڪنهن تحقيقي ڪم سانگي سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ هليو ويندو هو. 1986ع ۾ ريٽائرمينٽ کانپوءِ پورو وقت ئي سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ پروجيڪٽ ۾ رڌل رهندو هو. مطالعو اڪثر رات جو ڪندو هو، پڙهندي پڙهندي مرحوم کي آڌي رات ٿي ويندي هئي. هو هر علمي ۽ ادبي موضوع جا ڪتاب پڙهندو هو، سياسي ڪتابن جو پڻ وڏو ذخيرو گڏ ڪيل هئس، ادبي ذوق رکندڙن کي خوشيءَ سان ڪتاب ڏئي ڇڏيندو هو. مزاج ۾ ڪو ورلي چڙ ايندي هئس نه ته کل مذاق ۾ وقت گذارڻ جو عادي هو. ڪچهري ۾ ڳجهارتون، تاريخ جون ڳالهيون، علمي ڄاڻ، سياسي تجزيه اهڙي دلچسپي سان ڪندو هو جو ٻڌندڙ کي ڪچهري ختم ڪرڻ لاءِ جيءُ نه چاهيندو هو. ننڍي توڙي وڏي ڄمار واري کي برابر عزت ڏيندو هو. جهڙو پٽيوالي يا مالهيءَ سان قربائتو ٿي ڳالهائيندو هو تهڙو ڪنهن امير وزير سان به رويو رهندو هئس. پنهنجي خاندان جو وڏو هو ۽ وڏو ٿي ڏيکاريائين.

سندس وفات کانپوءِ اهڙي رهبري ڪنهن ڪونه ڪئي، خاندان جي سڀني گهرن جي حالتن کان باخبر رهڻ ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي وڏي خوبي هوندي هئس. ڪيترن گهرن جي خاموشيءَ سان ڪفالت به ڪيائين جيڪا خبر سندس وفات تي پئي ته ڏکي وقت ۾ راشن ۽ خرچ پکو مرحوم ڏئي دعائون وٺندو هو. ائين نه صرف پنهنجن پر ڌارين سان به سلسلو رهيس. شيخ صاحب جي مزاج ۽ طبيعت ۾ ايثار ۽ قرباني جو عنصر نمايان هو، هن پنهنجي سڄي زندگي ٻين جي ڪتب اچڻ ۾ گذاريائين. والدين جي انتقال کانپوءِ پنهنجي گهر جي ذميواري کنيائين، هر هڪ گهر ڀاتيءَ کي پڙهائي نوڪرين تائين لڳائڻ جو بار به سندس ڪلهن تي هو، اهڙي ريت سڀني جون شاديون ڪرايائين ۽ پاڻ سڀني کان بعد ۾ ريٽائرمينٽ جي قريب اچي پهتو، تڏهن شادي ڪيائين. هن کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ شيخ ابراهيم، جيڪو ريڊيو پاڪستان جو پروگرام مئنيجر هو، جي انتقال تي تمام گهڻو ڏک پهتو هو. سندس دوست ممتاز مرزا جي وڇوڙي تي پڻ شديد رنج مليو ھئس. اهي ٻئي وفاتون هڪڙي ئي سال 1996ع ۾ ٿيون ۽ ان کانپوءِ ٻنهي دل جي قريب ماڻهن جي جدائي وارو خال هن کي به اندر ۾ کائيندو رهيو جيتوڻيڪ ملندڙ ماڻهو ان جو اندازو نه لڳائي سگهندا هئا.

2003ع ۾ شيخ اسماعيل جي طبيعت خراب رھڻ لڳي. جگر تي سوڄ ۽ لڳاتار بخار هن کي ڪمزور بڻائيندو ويو، اهڙي حالت ۾ سندس نياڻي ۽ مهراڻ اسڪول حيدرآباد جي اڳوڻي هيڊ مسٽريس جنهن کي حيدرآباد جون نياڻيون آپا زمرد جي نالي سان سڃاڻين، اها ۽ سندس اولاد کيس ڪم آيو. پنهنجي ڏوهٽي جنيد ڏاهريءَ کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، ڪٿي به وڃڻو هوندو هئس ته جنيد ڏاهري کي ساڻ ڪندو هو، سندس ننڍي ڀيڻ زيد اي شيخ پڻ ڀاءُ جي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ دم دم گڏ رهي. وقت سان گڏ طبيعت وڌيڪ بگڙجندي رهيس ۽ هو پنهنجي سالگرهه جي ٻئي ڏينهن 22 جنوري 2004ع تي انتقال ڪري ويو، سندس قبر ٽنڊي آغا جي قديم قبرستان ۾ گهر کان ٿورو فاصلي تي ۽ ممتاز مرزا جي قبر جي ويجهي آهي.