عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ اضافو

سنگاپور :- عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن جو سبب آمريڪي ڪروڊ جي ذخيري ۾ گهٽتائي آهي. سنگاپور مرڪنٽائل ايڪسچينج ۾ آڪٽوبر جي لاءِ برينٽ ڪروڊ جي فراهمي جا سودا 23 سينٽ (4. 0 سيڪڙو) اضافي سان 04. 61 ڊالر في بيرل جڏهن ته آمريڪن ڪروڊ (ڊبليو ٽي آءِ) جي سپلاءِ 28 سينٽ (5. 0 سيڪڙو) اضافي سان 03. 56 ڊالر في بيرل طئي ٿيا.