عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 200 ملين ڊالرز جي امدادي پئڪيج جي منظوري

ڪراچي :- عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 200 ملين ڊالرز جي امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي. ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران طبي اوزارن ۽ سامان جي فراهمي لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز پڻ منظور ڪيا ويا آهن. ورلڊ بئنڪ جي پاڪستان ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر الانگو پيچاموتو جو چوڻ هو ته ان امداد سان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ جاري ڪوششن ۾ وڏي مدد ملي سگهندي، جڏهن ته لاڪ ڊائون کان متاثر ماڻهن ۾ امداد ۽ راشن جي ورهاست کي به يقيني بڻايو ويندو. ورلڊ بئنڪ جي انهي امدادي پروگرام هيٺ ملڪ جي پرائيوٽ ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ قرنطينه سينٽرز جي قيام، اسپتالن ۾ طبي سامان جي فراهمي ۽ طبي عملي لاءِ حفاظتي ڪٽس جو سامان پڻ فراهم ڪيو ويندو. واضح رهي ته عالمي بئنڪ پاران اسرندڙ ملڪن جي مالي سهائتا لاءِ 14 ارب ڊالرن جي امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي.