طاقتور قوتن کي ٻڌائڻو آهي ته اسان نه، توهان آئين اورانگهي رهيا آهيو، قانون جي لتاڙ به طاقتور قوتون ڪري رهيون آهن: فضل الرحمان

ٽانڪ :- طاقتور قوتن کي ٻڌائڻو آهي ته اسان نه، توهان آئين اورانگهي رهيا آهيو، قانون جي لتاڙ به طاقتور قوتون ڪري رهيون آهن، اسان جي سر جي تاج آئين ۽ قانون کي لتاڙيو ويو آهي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڌانڌلي جي پيداوار ۽ ناجائز حڪومت جي رهڻ جو ڪوبه جواز نه آهي، نااهل حڪومت کي سهارو ڏيندڙ به ڏوهاري آهي، ملڪ ۾ هاڻي اهو سڀ ڪجهه هلڻ نه ڏنو ويندو، ٽانڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فضل الرحمان چيو ته قوم کي ڪمزور ڪري چيو پيو وڃي ته ملڪ هلي رهيو آهي، ملڪي سلامتي ۽ بقا لاءِ سياسي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن به قربانيون ڏنيون آهن