ضلعي مٽياري ۾ صحت جي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ ۽ عوام کي موثر طبي سهولتون ڏيڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو

نيو سعيدآباد ( رپورٽ عبدالواحد عمراڻي ) : سنڌ هائي ڪورٽ جي حڪمن تي چيف سيڪريٽري سنڌ جي هدايتن جي روشني ۾ ضلعي مٽياري ۾ صحت جي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ ۽ عوام کي موثر طبي سهولتون ڏيڻ لاءِ لطيف هال مٽياري ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ ڪميٽي قائم ڪندي ضلعي جي سڀني اسپتالن ۽ صحت مرڪزن جي مانيٽرنگ ڪري رپورٽ تيار ڪرڻ سان گڏ صحت جي شعبي کي هنگامي بنيادن تي بهتر ڪرڻ لاءِ ڀرپور اپاءُ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر، ايس ايس پي مٽياري ۽ هيلٿ ڪميٽي جي ٻين آفيسرن سان گڏ ضلعي جي اسپتالن جو تفصيلي دورو ڪري اسپتالن اندر سهولتن جو جائزو ورتو ويندو. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري چيو ته عوام کي صحت جي حوالي سان سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميه جي اولين ذمه داري آهي، ميڊيڪل آفيسرن سان گڏجي اسپتالن جا دورا ڪري دوائن، صفائي سٿرائي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي حاضري، مشينري، ليبارٽري جي سهولتن ۽ سيڪيورٽي بابت جامع رپورٽ تيار ڪري چيف سيڪريٽري سنڌ کي موڪلي ويندي جيئن گهربل سهولتن کي يقيني بڻائي عوام کي معياري طبي سهولتون ڏيئي سگهجن. اجلاس ۾ ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون طاهر علي ميمڻ، ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل مٽياري جي سيد علي اڪبر شاهه، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر امتياز ڪاڪا، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا عبدالمجيد زهراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر سعيد آباد سيد عمار حيدررضوي تعليم کاتي جي آفيسرن اعجاز احمد جگسي، قمر النساء مگسي سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري بلڊنگ ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو اسپتالن جي پراڻين عمارتن جي مرمت بابت فوري طور تي رپورٽ پيش ڪن. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پي پي ايڇ آئي جي ڊسٽرڪٽ منيجر پاران گڏجاڻي ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ صحت کاتي جي عملدارن کي اسپتالن ۽ صحت مرڪزن جا ذاتي طور تي دورا ڪري کليون ڪچهريون منعقد ڪري عوام جا مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي آئي ايڇ ايس جي ڊسٽرڪٽ منيجر ڊاڪٽر مظفر سمون چيو ته کيبر، اڏيرو لال اسٽيشن ۽ ڀليڏنو ڪاڪا جي صحت مرڪزن تي دوائن جي دستيابي سان گڏوگڏ صحت مرڪزن اندر عوام کي موثر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءُ ورتا پيا وڃن.