صوبي مان نڪرندڙ گيس تي وفاق سنڌ جي دعوا کي ٻيهر رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :-  وفاقي حڪومت هڪ دفعو ٻيهر اها ڳالهه چئي آهي ته ڪنهن هڪ صوبي نه پر پاڪستان جي سموري عوام جو حق آهي ته هو قدرتي گيس استعمال ڪري ڇو ته اهي ئي ان جا مالڪ آهن.  سنڌ جي وڏي وزير طرفان ڪيل دعويٰ ته صوبي مان نڪتل گيس مان اسان کي حصو نه پيو ڏنو وڃي جي جواب ۾ توانائي واري وزارت(پيٽروليم) ڊويرن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پهريون استعمال جو حق(ڪنهن هڪ صوبي نه) پاڪستان جي  شهرين جو آهي ڇو ته وسيلن جا اصل مالڪ شهري آهن. ميڊيا رپورٽ موجب پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته گهريلو صارفين  کان علاوه گيس جو ڪوبه استعمال آئين جي قلم 158 جي تحت وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ خوشي سان طئي ڪيو ويندو. وزيراعظم جي پيٽروليم بابت معاون خصوصي نديم بابر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته حڪومت سمورين شين مثال طور پيٽرول، بجلي، گيس ۽ ڪڻڪ جي حوالي سان هڪ جهڙي خريداري ۽ وڪرو ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. پيٽروليم ڊويرن جو چوڻ آهي ته سنڌ طرفان صوبي کي گهربل گيس جي ضرورت پورو ڪرڻ جو مطالبو رد ناهي ڪيو ويو ان کان اڳ اهڙي قسم جي ڪابه تجويز غور هيٺ ناهي آئي. ان سان گڏ ئي جواب ۾ دعويٰ به ڪئي وئي آهي ته گڏيل مفادن جي ڪائونسل(سي سي آءِ) جي 23 ڊسمبر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ وزيراعظم جي پيٽروليم بابت معاون ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ قدرتي گيس(ايل اين جي) کي قدرتي گيس جي زمري ۾ آڻڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي کي ان جي قيمت مقرر ڪرڻ جي اختيار تي اتفاق ڪيو هو. پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته موجوده  حڪومت واري دور ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ  ڪابه گيس سوئي سدرن گيس ڪمپني لميٽيڊ(ايس ايس جي سي ايل) کي تفويض ڪئي ويندي آهي ۽ خاص معاون جي آئين جي قلم 158 جي تشريح جو غلط مطلب ورتو ويو. جواب ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ هن وقت تقريبن 2 هزار 2 سئو 43 ملين ڪيوبڪ فيٽ روزانو(ايم ايم سي ايف ڊي) گيس پيدا ڪري رهيو آهي جنهن مان 12 کان 13 سو ايم ايم سي ايف ڊي سوئي سدرن گيس ڪمپني جي سسٽم ۾ ڏني ويندي آهي. جڏهن ته 7 سئو ايم ايم سي ايف ڊي سڌو سنئون صوبي جي کهاد ۽ توانائي سيڪٽر کي فراهم ڪئي ويندي آهي. ايس ايس جي سي طرفان بلوچستان کي فراهم ڪيل گيس ڪڍڻ کان پوءِ بقايا 4 سئو مان 5 سئو ايم ايم سي ايف ڊي گيس سنڌ کي ڏني ويندي آهي ۽ جيڪڏهن آرٽيڪل 158 جي ان تشريح کي لاڳو ڪيو وڃي جيڪو سنڌ ڪندو آهي ته صوبو 2 سالن ۾ گيس کان محروم ٿي ويندو.