صوبن کي ڪمزور ڪري اسلام آباد کي طاقتور بڻائڻ سان ملڪ ڪمزور ٿيندو: رضا رباني

ڪراچي:- پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته 18هين ترميم کي رول بَيڪ ڪرڻ واريون قوتون متحد ٿي ويون، چيو وڃي ٿو ته ترميم ذريعي اسلام آباد کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. رضا رباني چيو ته 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ وارَي ڪم ۾ رُڌل ماڻهو موقف ڏين ٿا ته اسلام آباد کي ڪمزور ڪرڻ سان ملڪ ڪمزور ٿيندو. هن چيو ته اهڙي مرڪز سان ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو، جنهن وٽ وسيلا نه هجن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران رضا رباني چيو ته مالياتي ايوارڊ ۾ صوبن سان ناانصافي ختم ڪرڻ لاءِ آرٽيڪل ٿِري اَي آندو ويو، اڄ اُن جِي به مخالفت ڪئي پئي وڃي