صوبن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو: اياز لطيف

حيدرآباد :-  قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزر صدر اياز لطيف پليجي چيو آھي ته وفاقي حڪومت ٻيھر ٻوري بند لاش وارن دھشتگردن ۾ ساھه نه وجھي، وڏي مشڪل سان رينجرز، پوليس ۽ سياستدانن ڪراچي کي ڪنھن حد تائين دھشتگردي کان پاڪ ڪيو آھي. مشرف ۽ ضيا وانگر عارضي مفادن لاءِ معصوم ماڻھن کي دھششتگردن جي ور نه چاڙھيو وڃي. سياسي مفادن کان وڌيڪ ملڪي مفاد اھم آھن. اياز لطيف پليجي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪراچي جو امن تباھه نه ڪيو وڃي، آرٽيڪل 149 تحت وفاق ڪنھن صوبي ۾ بحران جي صورت ۾ صوبائي انتظاميا کي ھدايت ڏئي سگھي ٿو، پر صوبي جي ڪنھن شھر ۾ رھندڙ ماڻھن جون ڪميٽيون نٿو ٺاھي سگھي. اياز لطيف پليجي چيو ته وفاق يا ڪو ٻيو صوبن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان تي آرٽيڪل 6 تحت ملڪ ٽوڙڻ جو ڪيس داخل ٿيندو. پاڪستان عالمي سامراجي طاقتن جي سازشن جي گھيري ۾ آھي. حڪمران ھوش کان ڪم وٺن، اسين ڪنھن به انتشار کي برداشت نه ڪري سگھنداسين. ھندستان پاڪستان ۾ دھشتگردي ۽ انتشار چاھي ٿو. مودي جون پاليسيون ھن ريجن کي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ واريون آھن. ڪشمير ۽ پاڪستان جو معاشي چئلينج وڏا معاملا آھن. ملڪ ۾ نفرت جي سياست کي ھٿي نه ڏني وڃي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ھر دور ۾ اقتدار ۾ رھي آھي، ان ڪرپشن ذريعي ڪراچي سميت شھرن کي کنڊر بنائي ڇڏيو، عوام کي حساب ڏيڻ بدران اھي نفرت جي سياست چاھين ٿا. اسين نفرت جي سياست ڪرڻ نه ڏينداسين. سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي ۽ رھندو.، ٻئي طرف راواداري تحريڪ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي سازش خلاف ۽ وفاقي وزير فروغ نسيم کي ھٽائڻ لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي احتجاج جي حمايت ڪري ڇڏي. جڏھن ته ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي، سانگھڙ، نوابشاھه، نوشھروفيروز، دادو سميت سڄي سنڌ ۾ 15 آڪٽوبر آچر ڏينھن احتجاج جي تياري لاءِ سرگرميون تيز ٿي ويون آھن. اديبن، شاعرن، واپارين، شھرين کي دعوتون ڏنيون پيون وڃن.