صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

ڄامشورو :-  سنڌ يونيورسٽي جو نئون وائيس چانسلر مقرر ٿي ويو،  اڳوڻي وقتي وي سي پرفيسر صديق ڪلهوڙي جي بطور سنڌ يونيورسٽي جي نئين وي سي جي سمري منظور ٿيڻ کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نئين وي سي جو صديق ڪلهوڙو جو چوڻ آهي ته منهنجي سڀ کان اولين ڪوشش يونيورسٽي کي مالي خساري مان آجو ڪرائڻ هوندي. عرفانه ملاح چيو آهي ته پروفيسر صديق ڪلهوڙو يونيورسٽي جو ماڻهو آهي ان ڪري ان مان بهتري جي اميد رکي سگهجي ٿي، کيس آجيان ڪريون ٿا. سيوا اڳوڻ محمد علي گهانگهرو چيو آهي ته ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيا ته نئين وي سي آڏو به احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو