صدر ٽرمپ جا ايران سان جنگي اختيار گهٽائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور

واشنگٽن:-  آمريڪي ڪانگريس صدر ٽرمپ جا جنگ وارا اختيار محدود ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.آمريڪي ميڊيا موجب ڪانگريس ۾ ايران سان جنگ جي امڪان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جنگ واري اختيار کي محدود ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.ٺهراءَ جي حق ۾ 224 ۽ مخالفت ۾ 194 ووٽ وڌا ويا، ريپبلڪن پارٽيءَ جي ٽن ميمبرن به ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنا، جڏهن ته ڊيموڪريٽس جي 8 ميمبرن پارٽيءَ خلاف ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي.آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ هاڻي سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.ٺهراءَ ۾ 1973 جي جنگي اختيارن جي قانون جو حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ڪانگريس کي آمريڪي صدر جي جنگ واري اختيار جي استعمال بابت جاچ ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. برطانوي ميڊيا موجب جيڪڏهن ايوان طرفان پيش ڪيل اهو ٺهراءُ ڪانگريس مان منظور ٿي ويو آهي ته ان کي ٽرمپ جي امڪاني ويٽو جو منهن ڏسڻو نه پوندو.ان ٺهراءَ کي وقتي ٺهراءُ طور پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جي منظوريءَ لاءِ صدارتي صحيح جي ضرورت نه هوندي آهي. ان سلسلي ۾ آمريڪي ڪانگريس جي اسپيڪر نينسي پلوسي جو چوڻ آهي ته آمريڪي حڪومت کي وڌيڪ تشدد روڪڻ گهرجي، جڏهن ته ٽرمپ جي فوجي قدمن کي محدود ڪرڻ سان آمريڪي ماڻهن جي حياتين ۽ قدرن جو تحفظ ٿيندو.واضح رهي ته آمريڪا طرفان جنرل سليماني جي مارجڻ بعد ايران عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملن ۾ 80 ماڻهن جي مارجڻ جي دعوا ۽ بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي راڪيٽن سان حملو ڪيو ويو هو.