صدر عارف علوي ملڪ ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ دعا جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :- صدر عارف علوي سموري ملڪ ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ دعا جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪورونا ايس او پيز جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ عالمن جي اجلاس دوران خطاب ڪندي صدر چيو آهي ته سڀاڻي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون، مذهبي عالمن طرفان سياسي جماعتن کي جلسا ۽ جلوس ڪجهه عرصي لاءِ ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي، سياستدان ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز تي عمل نٿا ڪن، پنهنجي خطاب ۾ صدر جو چوڻ هو ته مذهبي عالم اجتماعن جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندا.