صحت جي جديد گھرجن ڏانهن سفر: ڊاڪٽر اشوٿاما

                         رتوديرو، پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جو اهم تاريخي شهر ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽر آهي.شهر ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي هڪ لک کان وڌيڪ آبادي کي صحت جون جديد ، معياري ۽ مفت صحت سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ فيبروري 2017ع ۾ اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز (آءِ ايڇ ايس) پاران رتوديرو تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال جو انتظام سنڀالي ان ۾ تيزي سان مثبت تبديلون آنديون ويون آهن.آءِ ايڇ ايس سنڌ حڪومت جي صحت کاتي سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ معاهدي تحت 30 بسترن جي هن اسپتال ۾ وقت به وقت ڪيترا ئي نوان ۽ جديد طرز جا ٽرينڊ متعارف ڪرايا آهن.هڪ طرف اسپتال جي پراڻي بلڊنگ جي رپيئر ۽ بيوٽيفڪيشن بلڪل ئي يونيسيف جي ٺاهيل ايڊز ٽريٽمينٽ سينٽر جي طرز تي ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ مريضن ۽ وزيٽرس لاءِ اسٽيٽ آف آرٽ انفارميشن ڊيسڪ ۽ ويٽنگ ايريا ۾ آرامده فرنيچر ۽ ان سان لاڳاپيل جديد پيٿالاجي ليبارٽري ۾ڪمپيوٽرائيزڊ ليبارٽري ٽيسٽنجو بندوبست ڪيو ويو آهي.هي دور جنهن کي ڊجيٽل ايج چيو وڃي ٿو،جنهن ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽر نيٽ جي استعمال ڪيتريون ئي سهولتون پئدا ڪيون اهن.آءِ ايڇ ايس پڻ ان جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو مثبت استعمال ڪندي پنهنجي مجموعي ڪارڪردگي ۾ بهتري، نواڻ ۽ جدت آندي  آهي.

انهي سلسلي ۾هر پنهنجي انتظام هيٺ هلندڙ صحت مرڪزن کي ڊسٽرڪٽ هيلٿ انفارميشن سسٽم يعني ڊي ايڇ آءِ ايس ۽ مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم يعني ايم ايل ايم آءِ ايس سان ڳنڍيو ويو آهي.  جيڪي جديد دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ سافٽ ويئر سسٽم آهن. جنهن سان ڊاڪيومينٽيشن، رپورٽنگ ۽ معلومات گڏ ڪري ان جو تجزيو ڪرڻ  شامل آهي. جنهن سان هڪ طرف مختلف علائقن ۾ بيمارين جي اوچتو ڦهلجڻ ۽ وبائي صورتحال اختيار ڪرڻ جو طبي تجزيو ڪري سگھبو ۽ ان ڊيٽا سان ان صورتحال ۾ بهتري لاءِ اپاءَ وٺڻ جو تدبيرون جوڙي سگھبيون. ڊجيٽلائيزيشن جو ٻيو اهم فائدو صحت نظام ۾گيپس ۽ گھرجن مطابق پاليسي سازي لاءِ صحت شعبي سان لاڳاپيل ادارا ۽ عام ماڻهو سموري هيلٿ سسٽم جو ٽرانسپيرنٽ مشاهدو ڪري لاڀ وٺي سگهن.

آءِ ايڇ ايس سموري سنڌ ۾ پنهنجي انتظامي هيلٿ فيسلٽيز کي بايو ميٽرڪ سسٽم سان ڳنڍي اسٽاف جي حاضري ۽ باقائدگي کي يقيني بڻايو آهي. پر هتي  رتوديرو اسپتال ۾ هڪ قدم اڳتي  بايو ميٽرڪ سسٽم کي پيشنٽ رجسٽريشن يا مريضن جي داخلا لاءِ پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي.جنهن سان هر مريض جي ڊجيٽل ميڊيڪل هسٽري کي محفوظ رکڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. جيئن اهو مريض بغير ڪنهن ڪاغذ جي محتاجي جي ڊجيٽل ڊيٽا سان  فالو اپ لاءِ علاج جي سهولت وٺي سگهندو.ان سلسلي جو ٻيو اهم انيشيٽو آءِ ايڇ ايس پاران  رتوديرو اسپتال ۾ ايندڙ هر مريضن جو رسيپشن ڪائونٽر تي ئي بايوميٽرڪ وسيلي شروعاتي تشخيصي عمل آهي. جيڪو اسپتال جي جديد ڊجيٽل ليبارٽري سان ڳنڊيل آهي.جڏهن به ڪا پازيٽو رپورٽ سسٽم ۾ ايندي ته خودڪار طريقي سان مريض علاج  واري اڳئين مرحلي تائين پهچي ويندو.ان سان گڏ اسپتال ۾ رنگ اي ڊاڪٽر پروجيڪٽ تحت ٽيلي ميڊيسن سروس شروع ڪئي وئي آهي.جنهن جو  افتتاح يونيسيف جي چيف آف فيلڊ آفيسر ڪرسٽينا برگيلو گذريل سال جي آڪٽوبر مهيني ۾ ڪيو هو. جنهن سان رتوديرو ديرو اسپتال ۾ ايندڙ مريض، ملڪ جي اهم اسپتالن جي ماهر ڊاڪٽرن کان آن لائين ماهراڻا مشورا وٺي سگھندا. ريڊ جو ٻيو تخليقي استعمال آءِ ايڇ ايس جي انهن پري جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ پڻ شروع ڪيو ويو. جتي جيڪڏهن ميڊيڪل آفيسر موجود نه هوندو ته ٽيلي هيلٿ جو سکيا ورتل عملو جنهن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ پيرا ميڊڪل اسٽاف ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ آن لائين حيدرآباد جي ٽيلي ڊاڪٽر سينٽر۾ چوويهه ڪلاڪ موجود ڊاڪٽرن کان مشورو وٺي سگھندا. انهن ڊاڪٽرن جي طبي هدايتن ۽ تجويز ڪيل دوائون ڄاڻايل صحت مرڪزن تي مفت مهيا ڪيون وينديون.عام طور شهرن کان گھڻو پري هجڻ سبب ڳوٺاڻي علائقن جا رهواسي خاص طور معصوم ٻار ۽ عورتون، اوچتي طبي پيچيدگين سبب، صحت جي معياري ۽ وقتائتي بندوبست نه هجڻ جو گھڻو شڪار ٿين ٿا. آءِ ايڇ ايس ان زميني حقيقي صورتحال کي سامهون رکي ترجيحي بنيادن تي نون ڄمندڙ ٻارن ۽ حاملا مائرن لاءِ 24 ڪلاڪنيونيٽ اينڊ چائلڊ هيلٿ ڪيئر لاءَ ايمرجنسي يونٽ کي سرگرم رکيو آهي.

 ساڳي طرح سان ڪيترين ئي وچڙندڙ بيمارين مليريا، ٽي بي، ڊينگي، هيپاٽائيٽس، ٽائيفائيڊ ۽ جنسي طور منتقل ٿيندڙ بيمارين جي تشخيض ۽ علاج جي سهولتن کي بهتر بنايو ويو آهي. اسپتال ۾ڊائيبيٽڪ يا شگر، پيٽ ۽ هاضمي جي تڪليف، ساهه ، ڇاتي، هائپرٽينشن، ڏندن ۽ وات جي عام بيمارين جو علاج ڪيو ٿو وڃي. ان سان گڏ چمڙي جي بيمارين جي علاج لاءِ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جو اضافو ڪيو ويو آهي.جڏهن ته اسپتال سان ملحقه يونيسيف جي قائم ڪيل ايڊز مريضن لاءِ پيشنٽ سپورٽ سينٽر جنهنجو افتتاح پيپلز پارٽي جي چئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري ڪيو هو. رتوديرو اسپتال ۾ ايڇ آئي وي ايڊز جي اسڪريننگ ۽ ڊائگنوز جي به شروعات ڪئي وئي آهي. جتي گذريل سال اپريل کان ڊسمبر مهيني تائين 37190 اسڪريننگ ڪيل مريضن مان 995 ايڇ آءِ وي پازيٽو هيا. جنهن ۾وڏو انگ معصوم ٻارن جو هيو، جيڪي ترتيب وار 523 ڇوڪرا ۽ 285 ڇوڪريون آهن. بالغ مردن جو تعداد 55 ۽ عورتون 132 پازيٽو هيون. انهن مريضن مان 973 مريضن جو علاج هلندڙ آهي. مشاهدي ۾ آيل مريض ٻارن جي گھڻائي کي سامهون رکندي رڪارڊ وقت ۾ ٻارن لاءِ ٽن وارڊن تي مشتمل جديد يونٽ شروع ڪيو ويو. جنهن ۾نه فقط ايڇ آءِ وي پازيٽو پر ٻين ايمرجنسي بيمارين جو ٻارن جي ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ علاج ۽ داخلا جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

ڪوبه صحت جو نظام  ڊاڪٽرن ، پيرا ميڊيڪل عملي ۽ ٽرينڊ سپورٽ اسٽاف جي موجودگي سان گڏ تشخيصي انتظامن کان سواءِ اڌورو سمجھيو ويندو آهي. اينٽيگريٽينڊ هيلٿ سروسز پاران رتوديرو اسپتال جو انتظام سنڀالڻ شرط سڀ کان پهرين ليبارٽري، ايڪسري، الٽراسائوند، اي سي جي ۽ ڊينٽل يونٽ کي فنڪشنل ڪيوويو.اسپتال جي صفائي سٿرائي، صاف پاڻي، بجلي ، بيڪ اپ جنريٽر، سيڪيورٽي ۽ پيشنٽ رفرل سسٽم لاءِ ايمبولنس سروس 24 ڪلاڪ مهيا ڪيل آهي