صحت، تعليم ۽ زراعت جي بجيٽ ۾ اضافو، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 5 کان 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان

ڪراچي :- سنڌ سرڪار نئين مالي سال 21-2020ع جي لاءِ 12 کرب 41 ارب 13 ڪروڙ رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، ڪابه نئين ٽيڪس نه لڳائي وئي، سرڪاري ملازمن جي  پگهار ۽ پينشين ۾ 5 کان 10 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبليءَ جو بجيٽ اجلاس اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مخالف ڌر جي شديد گوڙ ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته نيئن مالي سان جي بجيٽ جو 12 کرب 41 ارب 13 ڪروڙ آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ سرڪار سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن وڌائي ڇڏي. هڪ کان 16 گريڊ جي ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي. سترهين گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٽيڪس آمدنيءَ جو اندازو  1222 ڏهائي 75 ارب رپيا آهي. وڏي وزير چيو ته ڪورونا وبا ۽ ٻين بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت کاتي جي بجيٽ ۾ 16  ڏهائي هڪ سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. صحت کاتي جي بجيٽ 19 سئو 39 ڏهائي 18 ارب رپيا رکي وئي آهي، جن مان 5 ارب مخصوص ڪيا ويا آهن. ڪراچي نيپا تي وبائي مرضن جي علاج جي اسپتال لاءِ هڪ ارب مخصوص ڪيا ويا. تازو تيار ٿيل اسپتالن ۽ صحت جي سهوليتن جي اپ گريڊيشن لاءِ به رقم رکي وئي. صحت کاتي جي ورٽيڪل پروگرامن لاءِ 7 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. پوليو، ٽي بي ، ايڊز، ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام لاءِ رقم رکي وئي آهي، ڪاري ڪامڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ويڪسينشن پروگرامن لواءِ رقم مخصوص  ڪئي وئي. هيلٿ رسڪ الائونس جي مد ۾ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار زراعت کاتي جي بجيٽ ۾ 40 سيڪڙو اضافو ڪندي 15 ڏهائي 84رکيا آهن ۽ آبپاشي لاءِ 20 ڏهائي هڪ ارب رکيا ويا آهن. ماڪڙ تي ضابطو آڻڻ لاءِ 4 ارب 40 ڪروڙ رپيا رکيا ويا. مراد علي شاهه چيو ته زراعت کات يجي بجيٽ ۾ اضافي جو  بنيادي مقصد ماڪڙ تي ضابطو آڻڻ ۽ آبادگارن کي رليف ڏيڻ آهي. هن چيوته  زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ننڍن آبادگارن کي چانورن جي معياري ٻج جي رعايت لاءِ هڪ ارب مخصوص ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته ننڍن آبادگارن کي ڀاڻ جي سبسڊي لاءِ هڪ سئو ارب رپيا رقم رکي وئي آهي. هن چيو ته ننڍن آبادگارن کي جيت مار دوا لاءِ سبسڊي لاءِ به 100 ارب رکيا ويا. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ بجيٽ ۾ 22 ڏهائي 9 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو. بجيٽ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن لاءِ ساڍا 9 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. سماجي ڀلائيءَ واري شعبي لاءِ 27 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. غير ترقياتي خرچن جو اندازو9868 ڏهائي 99 ارب ڄاڻايو ويو، ترقياتي خرچن جو اندازو 2232 ڏهائي 94 ارب رپيا لڳايو ويو.وڏي وزير چيو ته غير ترقياتي خرچن ۾ اضافو رڳو 7 سيڪڙو تائين محدود آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته غير ترقياتي خرچن ۾ واڌ بنيادي طور تي ڪورونا سبب آهي. ترقياتي رٿائن لاءِ 209 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ملڪيت، گاڏين، ڏنڏن، وڻج واپار ۽ روزگار کي ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. شهري علائقن ۾ غربت جي خاتمي جي پروگرام لاءِ رقم رکي وئي، سيد مراد علي شاهه چيو ته ننڍي ڪاروبار لاءِ 300 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته ٻهراڙين ۾ غربت جي خاتمي جي پروگرام لاءِ 200 ارب مخصوص ڪيا ويا آهن. بجيٽ ۾ سنڌ پيپلز سپورٽ پروگرام تحت ڪيش ٽرانسفر لاءِ 2 هزار اربن جو اندازو لڳايو ويو آهي. وڏي وزير، سنڌ بينڪ جي مدد سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ قرض جو اعلان پڻ ڪيو. بجيٽ ۾ سافٽ لون پروگرام لاءِ 500 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. بجيٽ ۾ آءِ ٽي ٽيڪنالاجي انٽروينشن ۽ اينوويشن سوليوشن لاءِ 700 ملين تجويز ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته بجيٽ ۾ صوبائي اي ڊي پي جو ڪاٿو 155 ڏهائي ٻڙي اب رپيا آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ضلعي اي ڊي پي 15 ڏهائي ٻڙي ارب آهي، وفاق مدد سان هلندڙ رٿائن جو ڪاٿو 8 ڏهائي 30 ارب لڳايو ويو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ غريبن، آبادگارن ۽ نوجوانن کي رليف ڏنو ويو آهي،  سرڪاري ملازمن ۽ خانگي شعبي کي رليف ڏنو ويو آهي. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڏکيائين باوجود هنن ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ رکي آهي، عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. بجيٽ ۾ ڪُل ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف هڪ کرب 22 ارب رُپيا مقرر ڪيو ويو، بجيٽ ۾ ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 223 ارب ۽ غير ترقياتي خرچن جو 9 کرب 86 ارب رُپيا ڪاٿو لڳايو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽئڪس نه لڳايو ويو آهي، بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 244 ارب، صحت لاءِ 193 ارب رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته زراعت کاتي لاءِ 15 ارب 84 ڪروڙ ۽ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ 44 ڪروڙ رُپيا مخصوص ڪيا ويا جڏهن ته آبپاشي کاتي جي بجيٽ 23 ارب مان گهٽائي 17 ارب رُپيا ڪئي وئي. سنڌ حڪومت هڪ کان 16هين گريڊ تائين سرڪاري ملازمن لاءِ 10 سيڪڙو ۽ 17 کان 22 گريڊ تائين سرڪاري ملازمن لاءِ 5 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وڏي وزير ڪورونا سان فرنٽ لائين تي ويڙهه ڪندڙ ڊاڪٽرز ۽ پئراميڊيڪل سوڌو صحت کاتي جي ملازمن کي رسڪ الائونس طور هڪ بُنيادي پگهار اضافي ڏيڻ جو اعلان به ڪيو. سنڌ سرڪار جي بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام۾ 58 ارب رُپين جي ڪٽوتي ڪري هڪ کرب 70 ارب رُپيا مخصوص ڪئي وئي. وڏي وزير موجب ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ واري ڪووِڊ ريسپانس پروگرام لاءِ 50 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي. سالياني ترقياتي رٿائن واري پروگرام ۾ زراعت کاتي لاءِ 10 ارب 47 ڪروڙ، اوقاف کاتي لاءِ 99 ڪروڙ، بورڊ آف روينيو لاءِ 61 ڪروڙ 80 لک ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 36 ڪروڙ 70لک رُپين جون رٿائون شامل ڪيون ويون وڏي وزير چيو آهي ته سياحت ۽ ثقافت کاتي لاءِ 83 ڪروڙ، تعليم کاتي جي اسڪول ۽ ڪاليج ايجوڪيشن سوڌو ٻين شعبن لاءِ 23 ارب 39 ڪروڙ رُپين جون ترقياتي رٿائون رکڻ جي تجويز آهي. وڏي وزير چيو آهي ته سالياني ترقياتي پروگرام ۾ توانائي شعبي لاءِ 4 ارب 30 ڪروڙ، ٻيلي کاتي لاءِ 5 ڪروڙ، گورنر سيڪريٽريٽ لاءِ 3 ڪروڙ، صحت لاءِ 28 ارب 89 ڪروڙ ۽ آبپاشي کاتي لاءِ 17 ارب 92 ڪروڙ رُپين جون اسڪيمز به شامل آهن. وڏي وزير جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙي نعريبازي پڻ ڪئي.