صحافي مطيع الله جان جي اغوا واري واقعي جي واردات وڊيو ۾ نظر ايندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ممڪن نه آهي: نادرا لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد :- اسلام آباد ۾ صحافي مطيع الله جان جي اغوا واري واقعي جي جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع، آءِ جي اسلام آباد عامر ذوالفقار خان طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اغوا جي واردات واري وڊيو ۾ نظر ايندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ممڪن نه آهي، نادرا به وڊيو غيرمعياري هجڻ سبب سڃاڻپ ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي، واقعي واري هنڌ سيف سٽي ڪئميرا نه لڳل هئي، واقعي جو ڪوبه اکين ڏٺو شاهد سامهون نه آيو ۽ نه ئي ڪنهن ماڻهن بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، صحافي مطيع الله جان کي 12 جولاءِ تي اسلام آباد جَي جِي سڪس واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو هو