شھيد بشير خان قريشي جو نياڻو انجنيئر امر قيس ابڙو پنهنجي ڪراچي جي رهائش گاه تان کنڀجي ويو

ڪراچي : شھيد بشير خان قريشي جو نياڻو ۽ برطانيا ۾ رهندڙ سنڌي اڳواڻ علي گل ميتلو جو ڀاڻيجو انجنيئر امر قيس ابڙو پنهنجي ڪراچي جي رهائش گاه تان کنڀجي ويو.امر قيس کي شڪ جي بنياد تي بغير ڪنهن وارنٽ جي جبري گرفتار ڪري غائب ڪيو ويو آهي . تفصيل موجب امرقيس جيڪو پنهنجي پيشي جي لحاظ کان پي پي ايل ۾ انجينيئر آهي ۽ هن جي ڪنهن به ڌر سان ڪا به سياسي وابستگي ناهي رهي. کيس خميس رات دير سان ڪلفٽن واري گهر کان کنڀيو ويو.سول وردي ۾ ملبوس اهلڪارن پاڻ سان گڏ گهر جا اهم سامان پڻ کڻي ويا،ويندي ويندي بلڊنگ جي سي سي ٽي وي پڻ پاڻ سان کڻي ويا.گهر ڀاتين پاران رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته اسان جي گهر ۾ زوري داخل ٿيل اهلڪارن بار بار بشير خان قريشي جي ساٿين جي باري ۾ مشڪوڪ سوال ڪندا رهيا، گهر ڀاتين پاران کيس جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. امر قيس جي جبري گمشدگي سبب سموري سنڌ ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي آهي.