شھدادپور ۾ خانگي تعليمي ادارن طرفان شاگردن کي پروموٽ دوران مارڪن ۽ گريڊن جي نالي تي لکين رپين جي اوڳاڙي شروع

شھدادپور :- شھدادپور ۾ خانگي تعليمي ادارن طرفان شاگردن کي پروموٽ دوران مارڪن ۽ گريڊن جي نالي تي لکين رپين جي اوڳاڙي شروع، سول سوسائٽي ۽ شھرين پاران جاچ ڪرائڻ جو مطالبو.تفصيل موجب ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون ۽ تعليمي ادارن جي بندش سبب سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي لکين شاگردن کي اڳئين ڪلاسن ۾ پروموٽ ڪرڻ واري فيصلي بعد تعليمي بورڊ ميرپورخاص پاران مئٽرڪ ۽ انٽر جي هزارين شاگردن کان امتحان وٺڻ بدران پروموٽ ڪري مارڪ شيٽون جاري ڪرڻ تي شهر جي خانگي تعليمي ادارن پاران سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مئٽرڪ جي گريڊ ۽ مارڪن عيوض 10 کان  30 هزار، جڏهن ته   انٽر جي شاگردن کان لک رپين تائين اوڳاڙي ڪرڻ جو سلسلو ۽ ڌنڌو شروع ڪري ڏنو آهي، جڏهن ته انٽر ۾ متوقع بي گريڊ يا فيل ٿيڻ وارن شاگردن کان ڏيڍ لک کان 3 لک رپيا تائين وصول ڪيا پيا وڃن.ان سلسلي ۾ شھرين ۽ سول سوسائٽي جي نورخان، رئيس دلبر خان، وڏيرو ٽوهه ۽ ٻين ٻڌايو  ته شهرين جي شڪايتن بعد تعليمي بورڊ ميرپورخاص ۾ گذريل سال جي انٽر جي امتحان دوران پئسا وٺي من پسند مارڪون ۽ گريڊ ڏيڻ جو وڏو ڦاٽ ڦاٽو ھو، جنهن جي اينٽي ڪرپشن کاتي پاران خانگي اسڪولن ۽ خانگي اڪيڊمين جنهن تي الزام آهن ته انھن جا 80 سيڪڙو شاگرد پئسن عيوض اي ون گريڊاي گريڊ ۽ اضافي مارڪون حاصل ڪيون آهن سميت بورڊ سان لاڳاپيل ٻين اسڪولن خلاف وڏي پئماني تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڪرپشن ۾ ملوث بورڊ جي عملدارن ۽ خانگي اسڪولن جي مالڪن ۾ ٿرٿلو متل آهي.هنن چيو ته بورڊ جي عملدارن خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن خلاف اينٽي ڪرپشن جي  هلندڙ جاچ روڪرائڻ لاءِ هر اسڪول مالڪ کان  وڏي رقم وصول ڪئي آهي، ان سان گڏ پنهنجا سياسي سماجي تعلقات استعمال ڪري جاچ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هنن وڏي وزير مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ پروموٽ جي نالي شروع ڪيل ڪرپشن جو فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ گذريل سال به لکين روپين عيوض اضافي مارڪون ۽ نمايان گريڊ ڏيڻ واري جاچ کي مڪمل ڪري ملوث بورڊ عملدارن ۽ خانگي اسڪول مالڪن خلاف سخت قانوني قدم کنيو وڃي.