شگر ۽ ھيپاٽائٽس جو مريض رياض ۽ سندس ڀاء شاگرد امتياز خاصخيلي سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو : وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ

فريدآباد :  فريدآباد ۾ نائين ڏينھن به وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ جي سڏ تي رياض ۽ امتياز خاصخيلي سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء سخت گرمي ۾ چار ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال جاري رھي ـ امتياز ۽ رياض خاصخيلي جي وارثن شھرين سماجي اڳواڻن معصوم ٻارڙن ۽ شاگردن پڻ شرڪت ڪئي ـ اقوام متحده ۽ انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس ڪميشن کان بي گناھ کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن امتياز ۽ رياض خاصخيلي سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي گمشدگي جو نوٽيس وٺي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ـ خبر موجب فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ اڳواڻ ۽ کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن جي وارثن بک ھڙتال جي ڪنوينر راجا مزمل خاصخيلي ـ عبيدالله سنڌي ـ علي عباس ـ عارف عمر ـ آصف حضوري ـ سعيد احمد ـ حاجي خان خاصخيلي ـ ۽ ٻين سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ ٻن ڀائرن امتياز ۽ رياض خاصخيلي جي آزادي لا۽ سخت گرمي ۾ علامتي بک ھڙتال ڪئي ان موقعي تي ھنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ملڪي انساني حقن جي علمبردار ۽ انساني حقن لاء ڪم ڪندڙ تنظيمن ۾ کي جبري گمشدگين جھڙي اھم مسئلي تي تحرڪ ۾ اچن ـ ۽ انھن جو آواز اعليٰ ادارن تائين پھچائڻ ۾ پنھـجو اھم ڪردار ادا ڪن ـ اسان جو نوجوان رياض خاصخيلي شگر ۽ ھيپاٽائٽس جو مريض آھي جنھن جو علاج ھلندڙ ھيو ـ ۽ سندس جو ڀاء امتياز خاصخيلي شاگرد آھي جنھن جي تعليم جاري ھئي ـ ھن کي کنڀي ھن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي ـ اسانجي نوجوانن جو ڪنھن به تنظيم يا ڪنھن به ايڪٽوٽي سان ڪوبه تعلق ناھي ـ ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته اسان انساني حقن جي عالمي تنظيمن ـ اقوام متحده ۽ انساني حقن جي ملڪي توڙي عالمي ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ جبري طور تي ٿيندڙ گمشدگين واري مسئلي تي توجھ ڏني وڃي ۽ کنڀي گم ڪيل پرامن قومي ڪارڪنن جي گمشدگي جو نوٽيس وٺي انھن کي آزاد ڪرايو وڃي.