شڪارپور ۾ سنڌ سجاڳي فورم، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي وارثن پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

شڪارپور :- سنڌ سجاڳي فورم، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي وارثن پاران شڪارپور رستم موڙ کان نٽھڻ اُس ۾ لڳ ڀڳ 3 ڪلوميٽر لکي در تائين ”مسنگ پرسنس آزادي مارچ“ قومي دانشور تاج جويي، وائيس فار منسگ پرسنس آف سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، وي ايم پي ڪوآرڊينيٽر ۽ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، وي ايم پي ڪوآرڊينيٽر سسئي لوھار، 5 سال اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ ايوب ڪانڌڙي جي گھرواري ۽ 4 ڏينھن اڳ کنڀي گم ڪيل سجاد ايوب ڪانڌڙي جي والدہ عائشہ ڪانڌڙو، ڀيڻ ماروي ڪانڌڙو، پُڦي حسينہ ڪانڌڙو، انصاف دايي جي ڀينرن اقصيٰ دايو، افسانہ دايو، ڪاشف ثڳڙ جي والد عبدلڪريم ٽڳڙ، مرتضيٰ جوڻيجي جي امڙ شھزادي، ڌيءَ پارس، ڊاڪٽر فتح محمد کوسي جي پُٽ نصيب اللہ، پي ڪي زھراڻي جي گھرواري بشيران، لالا عمران سنڌي جي ڀاءُ ڪامران، انجنيئر فھيم سومري جي والد ضياءُ الدين سومري، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي صدر شبير جمالي، جسقم اي جي اعجاز منگي، وحيد سنڌي، جيئي سنڌ ب جي عبدالمجيد ميربحر، عائشہ ميربحر، ايس يو پي جي عبدالعليم مھر، اديبن ھارون چني، گوھر سنڌي، آزاد بخاري، اصغر سجاڳ، زبير سومري، غلام محمد غازي، نسيم بخاري، نفيس سومري، حميد چانڊيي، استاد راھي، سميع بلالي، جيئي سنڌ محاذ جي عمران منگي، قومي عوامي تحريڪ جي ظفر چني، جماعت اسلامي جي ايڊووڪيٽ علي اصغر مھر، جي يو آءِ جي حافظ عبيداللہ مھر، ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ رياستي ادارن پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪارڪنن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا، جيڪي سخت نعريبازي ڪري رھيا ھيا تہ، ”سجاد ڪانڌڙي کي آزاد ڪيو“، ”انصاف دايي کي آزاد ڪيو“، ”سھيل رضا ڀٽي کي آزاد ڪيو“، ”ڊاڪٽر فتح محمد کوسي کي آزاد ڪيو“، ”انجنيئر فھيم سومري کي آزاد ڪيو“، ”ايوب ڪانڌڙي کي آزاد ڪيو“، ”جبري گمشدگيون نامنظور“، ”کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن آزاد ڪيو“، ”رياستي دھشتگري بند ڪيو“.
ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ، ”سنڌ ۾ جبري گمشدگين جي سلسلي جي شروعات 60،70 جي ڏھاڪي کان اشوڪ ڪمار، اسد مينگل ۽ ٻين کان شروع ٿيندي اڄ 2021 تائين جاري ۽ ساري آھي پر ان ۾ تيزي آندي وئي آھي، ظلم جي انتھا اھا آھي، تہ سياسي ۽ قومي ڪارڪنن سان گڏ معصوم شاگردن ۽ پورھيتن کي بہ کنڀي گم ڪيو ويو آھي، اسان جبري گمشدگين کي انساني حقن جي سنگين لتاڙ سمجھون ٿا ۽ اھو بہ سمجھون ٿا تہ اھا رياستي دھشتگردي آھي، ڇو تہ اوھان نہ صرف پنھنجي ٺاھيل آئين جي آرٽيڪل 10 ۽ 6 جي ڀڃڪڙي ڪيو ٿا پر گڏوگڏ انساني حقن جي چارٽر جي بہ ڀڃڪڙي ڪيو ٿا، جيڪو عمل قابل مذمت ۽ برداشت جوڳو ناھي. اسان عالمي ضمير، انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪيون تہ پاڪستان حڪومت ۽ ايجنسين مٿان دٻاءُ وجھن تہ جيئن انساني حقن جي لتاڙ بند ٿئي ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن. ان موقعي تي سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي جوائنٽ سيڪريٽري ياسين جھلڻ، فائنانس سيڪريٽري زاھد کوسي، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن ڪراچي ڊويزن جي آرگنائيزر نديم مھر، ڪامريڊ عثمان منگي، ھمير چانڊيي، شبير لغاري،ايڊووڪيٽ طفيل احمد، حافظ عبداللہ پنھور، عامر منگي، ۽ ٻين قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي