شڪارپور پوليس مشهور راڳي جگر جلال سميت 5 مغوين کي راڄوڻي ذريعي ڌاڙيلن وٽان بازياب ڪرائي ورتو

شڪارپور:- شڪارپور پوليس مشهور راڳي جگر جلال سميت 5 مغوين کي راڄوڻي ذريعي ڌاڙيلن وٽان بازياب ڪرائي ورتو. ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جگر جلال ۽ ٻين مغوين کي آزاد ڪري ايس ايس پي ڪشمور اسد رضا شاهه حوالي ڪيو. جگر جلال سميت بازياب ٿيلن ۾ جگر جلال سميت بازياب ٿيلن ۾ سندس پٽ آفتاب، ڀائٽيو امير علي، باجي وارو عبداللطيف تنيو ۽ ڊرائيور بهادر کهاڙو شامل آهن. جن کي 4 ڏينهن اڳ بهاني سان گهرائي اغوا ڪيو ويو هو. پوليس آپريشن ذريعي مغوين جي بازيابي جي ڪوشش ڪئي پر ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله شهيد ٿي ويو، جنهن بعد پوليس آپريشن بند ڪري مغوين جي بازيابي راڄوڻي طريقي سان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، بااثر سردارن ۽ چڱن مڙسن جي مدد سان سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي. پوليس جگر جلال سميت سمورن بازياب ٿيلن کي سکر منتقل ڪيو ويو. جتي کين اي آءِ جي سکر جي آفيس پهچايو ويو. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ جگر جلال ۽ ٻين جي بازيابي جي تصديق ڪري ڇڏي، عرفان بلوچ دعويٰ ڪئي آهي ته مغوين جي بازيابي راڄوڻي طريقي سان نه پر آپريشن جي نتيجي ۾ عمل ۾ آئي آهي.