شڪارپور جي علائقي رستم ڀرسان هٿياربندن هٿان 2 ڄڻا اغوا

شڪارپور:= شڪارپور جي علائقي رستم ڀرسان هٿياربند ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن. رستم ويجهو سومراڻي شاخ وٽ هٿياربندن هڪ ڪار کي روڪي 5 ڄڻن کي اغوا ڪيو، جنهن دوران 3 ڄڻا وجهه وٺي فرار ٿي ويا، جڏهن ته ٻن ڄڻن کي ڪچي طرف کڻي ويا. مغوين ۾ اسد علي ۽ شاھد  علي شامل آهن، اهڙو اطلاع شڪارپور پوليس کي ڏنو ويو آهي. پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ پيرا کڻي ڪچي طرف رواني ٿي وئي آهي