شيخ رشيد ڪورونا وائرس سبب 22 مارچ کان 12 ٽرينون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : شيخ رشيد ڪورونا وائرس سبب 22 مارچ کان 12 ٽرينون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته ڪوروناوائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ 22 مارچ کان 12 ٽرينون بند ڪيون وينديون، جيڪڏهن وڌيڪ ضرورت پئي ته پوءِ 25 مارچ تي ٻيهر فيصلو ڪندي وڌيڪ 20 ٽرينون بند ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب ٽرينن ۾ مسافرن جو انگ تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي، ملڪ ۾ روزانو 134 ٽرينون هلن ٿيون، جيڪي ٽرينون بند ڪيون وينديون، انهن جي مسافرن کي ٻين ٽرينن ۾ ايڊجسٽ ڪنداسين، هن چيو ته ريلوي ۾ صفائي سٿرائي جو عمل بهتر آهي، ادارو جيڪو ڪمائي ٿو، اهو سمورو خرچ ٿئي ٿو، وزيراعظم کي سموري معاملي جي ڄاڻ آهي، هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب بند ڪيل ٽرينن جي ايڊوانس بڪنگ ڪرائيندڙن کي پئسا واپس ڏنا ويندا، هن چيو ته جيڪڏهن 100 ٽرينون بند ڪيون ويون ته پورو ملڪ مسئلي ۾ گهيرجي ويندو، اسان اسٽيشننز تي اسڪريننگ ڪري رهيا آهيون، چيني صدر جي به ملڪي دوري جو امڪان آهي.