شيخ رشيد ڏهرڪي واري ٽرين حادثي کي انساني غفلت قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد :- ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ٽرين حادثي کي انساني غفلت قرار ڏئي ڇڏيو، اپوزيشن شيخ رشيد کان استعيفيٰ ۽ سندس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. صادق آباد ويجهو خوفناڪ ٽرين حادثي بعد وفاقي وزير شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوتين جي وارثن لاءِ 15 لک رپين جي معاوضي، شديد زخمين لاءِ 5 لک ۽ معمولي زخمين کي 2 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو، شيخ رشيد چيو ته اڪبر ايڪسپريس غلفت جي نتيجي ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي. جنهن ۾ ڪانٽي وارو ملوث آهي، هن چيو ته ٽريڪ جي صورتحال به تسلي بخش ناهي، تنهنڪري حادثي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. شيخ رشيد چيو ته ريلوي ۾ تمام گهڻي ڪرپشن آهي، جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، وفاقي وزير چيو ته ٽرين حادثن جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي آهي، حيدرآباد ٽرين حادثي بعد ٻن سيڪشن آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا ۽ ٻن کي کاتي مان ڪڍيو ويو. هوڏانهن ٽرين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽرين حادثي جي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته حادثن جي وزيراعظم عمران خان تمام گهڻا مثال ڏنا هئا، هاڻي پنهنجي وزير کان به استعيفيٰ وٺي. بلاول چيو ته شيخ رشيد جو وزارت سان رومانس ۽ ٽرين حادثا خبر ناهي ڪيتريون انساني جانيون ڳڙڪائيندا، بيٺل بوگيون ملائي نيون ٽرينون هلايون پيون وڃن. پ پ چيئرمين چيو ته شيخ رشيد ۽ عمران خان رڳو پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيا آهن، ملڪ کي به ريلوي کاتي جيان هلايو پيو وڃي، مشرف جي زماني ۾ به شيخ رشيد ريلوي کي تباهه ڪيو. نواز ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن قبال ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم عمران خان شيخ رشيد کان استعيفيٰ ته نه ٿو وٺي سگهي، ڀلا ريلوي وزارت ڪنهن اهڙي شخص کي ڏئي، جنهن وٽ وزارت لاءِ وقت هجي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ٽرينن جا حادثا ۽ انهن ۾ ٿيندڙ فوتگين ۾ واڌ پريشان ڪندڙ آهي. طلال چوڌري شيخ رشيد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته عمران نيازي شيخ رشيد کي هاڻي گارين واري وزارت ڏئي ڇڏي.