شيخ اياز ننڍي کنڊ جو عظيم شاعر ۽ مفڪر قرار، اياز جي فڪر کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي: مقرر

حيدرآباد:- حيدرآباد جي سرد هوائن ۾ 20 هين صدي جي عظيم شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پنجون اياز ميلو شروع، صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه اياز ميلي ۽ تصوريري نمائش جو افتتاح ڪري ڇڏيو، مقررن شيخ اياز کي سنڌ سميت ننڍي کنڊ جو عظيم شاعر ۽ مفڪر قرار ڏيندي چيو آهي ته شيخ اياز پنهنجي شاعري ۽ فڪر سان جديد سنڌ جا بنياد وڌا، شيخ اياز جي فڪر کي وڌيڪ عام ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ آئنده اياز ميلو عالمي سطح تي منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي جديد ترقي پسند ۽ وطن دوست شاعر شيخ ايازکي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي پاران پنجن ڏينهن وارو پنجون اياز ميلو شروع ٿي ويو، ميلي جو افتتاح ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ڪيو. ميلي جي افتتاحي تقريب جي ڪارروائي کان اڳ شاهه جي راڳين علي ڏنو تمراڻي فقير جي سُنگ شاهه جي وائي پيش ڪئي. خانه بدوش رائٽرس ڪيفي سنڌ ميوزيم جي اڱڻ تي منعقد ڪيل تقريب ۾ صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ڳالهائيندي چيو ته اياز ميلو پنجون لڳو آهي، پر اعتراف ڪيان ٿو ته هن ڀيري سهڪار ڪيو آهي، جڏهن ته سرڪار ميڙا نه مچائيندي آهي، پر ماڻهو ميڙا مچائيندا آهن، هتي ثقافت کاتي ٺهڻ کان اڳ ميلا لڳندا رهيا آهن، اسان لاءِ ميلا مچائڻ ڪا وڏي خوبي ناهي، پر لڄ بچائڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش هوندي آهي. هن چيو ته اسان کي ڀٽائي جي ميلي تي حڪمران ٿي نه پر هڪ پانڌيئڙي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پنجاب ۾ بابا غلام فريد جي ميلي کي به سرڪار جي سرپرستي ناهي، اها سنڌ جي حڪومت ئي آهي جيڪا صوفي بزرگن جي ميلن جي ٿوري گهڻي مالڪي ڪري ٿي، سنڌ ۾ ترقي پسندي جي سوچ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ طاقتور آهي. هن چيو ته جديد سنڌي شاعري جا بنياد شيخ اياز رکيا، لطيف کانپوءِ اسان وري سرائيڪي شاعري جي طرف هليا وياسين، پر شيخ اياز جهڙن شاعرن وري نئين سري سان سنڌي شاعري کي جديد بڻائي اڳتي آندو. هن چيو ته دنيا سوديبازي ڪندڙ ماڻهن نه پر باغي ماڻهن بدلائي آهي، شيخ اياز برصغير ۾ پنهنجي دور جو وڏو تخليقي شاعر هو. هن چيو ته اردو شاعري ۾ فطرت ناهي رهي، اردو ادب جا شاعر فطرت کي شاعري سان نٿا جوڙين، پر سنڌي شاعرن ۾ شيخ اياز جهڙن شاعرن فطرت کي شاعري سان ڳنڊيو. هن چيو ته شيخ اياز کي پنهنجي ٻولي ۽ مٽيءَ سان ڪمٽمينٽ هئي، شيخ اياز سنڌي شاعري کي عالمي ادب سان جوڙيو، شيخ اياز پڙهيل لکيل ماڻهن کي پڙهايو. هن چيو ته اهو سوال آهي ته پاڪستان جي پنهنجي ڪا ثقافت جڙي سگهي آهي، جڏهن ته پاڪستان جون مختلف ثقافتون ئي پاڪستان کي جوڙي بيٺيون آهن، اها ڳالهه مون عالمي اردو ادب واري ڪانفرنس ۾ به ڪئي هئي، پاڪستان ۾ ٻولين وارو بل اڃا تائين سينيٽ جي ڪميٽي وٽ سڙي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت ۾ 26 ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو مليل آهي. هن چيو ته ساڃاهه وندن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، خانه بدوش جي ٽيم ڪنهن حد تائين مزاحمت وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اصغر نديم سيد کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان چيو ته ڪارپوريٽ دنيا ۾ سنگيت فوڪ مان ڪوڪ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، هاڻ توهان کي ٻڌايون ٿا ته اسان لوڪ موسيقي لاءِ هڪ اسٽوڊيو تيار ڪري رهيا آهيون، جتي شيخ اياز جي شاعري فوڪ انداز ۾ ملندي. هن چيو ته شيخ پاڻ لکيو آهي ته اردو ادب ۾ منهنجو پسنديده شاعر اصغر نديم سيد آهي. پنجابي ادب جي شاعر احمد سليم پنجابي ۾ ڳالهائيندي چيو ته شيخ اياز جي شاعري جي دشمن رشيد احمد لاشاري جي ڪري آئون شيخ اياز طرف متوجهه ٿيس، ان کانپوءِ آئون شيخ اياز سان سکر ملڻ آيس. هن چيو ته شيخ اياز هڪ وڪيل هو ان ڪري آئون هن وٽ ويس ۽ کيس چيو ته منهنجي هڪ زمين وڄائيجي وئي آهي، جيڪا ڳولڻ ۾ مدد ڪريو. هن چيو ته شيخ اياز کان مون اجازت ورتي هئي ته سندس شاعري کي پنجابي ۾ ترجمو ڪريان. شيخ اياز جي فرزند مونس شيخ اياز چيو ته هي اياز جو نه پر سڄي سنڌ جو ميلو آهي، هن ميلي جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته هي ميلو مسلسل 5 ڏينهن يا هفتو تسلسل سان هلي ٿو، ٻين ميلن ۾ ائين ناهي هوندو. هن چيو ته هن ميلي ۾ اياز جي شاعري فڪر سان گڏ ماڻهن جا مسئلا، ڏک سور به ونڊيا ويندا آهن. اديب تاج جويي آجياڻو ڏيندي چيو ته شيخ اياز جو ميلو سنڌ جي عوام جو ميلو آهي، اياز ميلو بنهه منفرد ميلو آهي، جيڪو اياز جي عاشقن پاران منعقد ڪيو ويندو آهي، شيخ اياز سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو نقيب شاعر آهي، اياز سنڌ جي سڃاڻپ آهي. امر سنڌو چيو ته خانه بدوش پنهنجي اڱڻ تي نئين عوامي اتساهه واري عمل کي جنم ڏنو آهي، سنڌ جي مٽيءَ ۾ مهڪندڙ ثقافت وارا رنگ خانه بدوش جي اڱڻ تي ڏسبا آهن. هن چيو ته ڀٽائي کانپوءِ اياز سنڌ جي سڃاڻپ، اهڃاڻ ۽ سنڌ جي قومي وجود جو استارو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ثقافت کاتي هن ميلو رچائڻ ۾ ميزبان وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. تقريب جي ڪارروائي هلائيندي عرفانه ملاح چيو ته شيخ اياز صدين جو شاعر آهي، شيخ اياز کي اهو يقين هو ته هن تي ميلا مچڻا آهن، شيخ اياز جا عاشق، چاهيندڙن ۽ شاعري جي شوقينن جو جوش ۽ جذبو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.