شيخوپورا ۾ ٽرين جو ڪوسٽر کي ٽڪر، سک ياترين سميت 20 ڄڻا اجل جو شڪار

شيخوپوره :- شيخوپورا ويجهو ڪوسٽر کي ٽرين جو ٽڪر لڳڻ سبب 20 سک پانڌيئڙا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. فاروق آباد جاتري روڊ ريلوي ڪراسنگ تي مسافر ڪوسٽر ٽرين سان ٽڪرائجي ويو. حادثي سبب 19 سک ياتري فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. سک خاندان پشاور کان ننڪانه صاحب فوتگي تي وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو، ڪوسٽر  فيصل آباد کان لاهور طرفان ويندڙ نان اسٽاپ  ٽرين سان ٽڪرايو. سک پانڌيئڙن جون ٻه گاڏيون حفاظت سان نڪري ويون، ٽئين گاڏيءَ کي حادثو پيش پيش آييو. تيز رفتار ٽرين ڪيترائي ميٽر ڪوسٽر کي گهليندي وئي ۽ ڪوسٽر کي لوهه جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون حادثي واري هنڌ پهچي ويون ۽ لاش توڙي زخمي اسپتال منتقل ڪيا.