شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو 6 سال پرڏيهه ۾ رهڻ بعد اوچتو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي وئي

نئون ديرو:- شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو 6 سال پرڏيهه ۾ رهڻ بعد اوچتو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي وئي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزارن تي پهچڻ وقت فاطمه ڀٽو جي اکين جا بند ٽٽي پيا ۽ اکين مان لارون ڪري ڳوڙها ڳڙندا رهيا ۽ هوءَ پيرين اگهاڙي شهيد بابا مير مرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي فاطمه ڀٽو ٻئي هٿ رکي پنجن منٽن تائين خاموشي اختيار ڪئي.

جنهن کان پوءِ دعا گهري ان بعد  قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزارن تي حاضريون ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. فاطمه ڀٽو پهريون ڀيرو ڪارڪنن جي وڏي جلوس سان سکر ايئرپورٽ کان سڌو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتي ته ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ موجود پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن توڙي عام ماڻهن ماڻهن مٿس گلن جي ورکا ڪري شاندار آجيان ڪئي.

جنهن دوران ڪارڪن جذباتي ٿي ويا ۽ جذباتي انداز ۾ “ظلم ڪا خاتمه فاطمه فاطمه، چارون صوبون ڪي پڪار – فاطمه ذوالفقار، ويلڪم ويلڪم – فاطمه ڀٽو ويلڪم” جا زوردار نعرا هڻندا رهيا ته فاطمه ڀٽو جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا.جنهن تي ڪارڪن وڌيڪ جذباتي ٿي ويا ۽ جذباتي نعرن جي گونج ۾ مزارن تي حاضريون ڀريون. ان موقعي تي فاطمه ڀٽو سان گڏ شهيد عاشق جتوئيءَ جي نياڻي سبين جتوئي، عنايت عمراڻي، علي احمد پليپوٽو، سردار تاج محمد ڊومڪي، پير اسلم شاهه، ڊاڪٽر سڪندر جتوئي، پيرل مجيداڻو، دلمراد جتوئي، يونس ڀان، مظهر ميمڻ سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ گڏ هو.مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد فاطمه ڀٽو المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي رواني ٿي وئي جڏهن ته ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وارو پروگرام ملتوي ڪيو ويو. واضع رهي ته ٻه مهينا اڳ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسيءَ واري جلسي ۾ “ظلم ڪا خاتمه فاطمه فاطمه، ظالمو ڪا خاتمه فاطمه، فاطمه” جا زوردار نعرا لڳايا ويا هئا.جنهن کانپوءِ فاطمه ڀٽو جو ٻن مهينن بعد اوچتو ڏيهه اچي ڪارڪنن جي وڏي قافلي سان گڏجي مزارن تي حاضريون ڀرڻ مان اندازو لڳايو پيو وڃي ته فاطمه ڀٽو عملي سياست ۾ پير پائڻ لاءِ پهتي آهي ۽ اهو پڻ متوقع آهي ته اڄ جي پريس ڪانفرنس ۾ فاطمه ڀٽو عملي سياست جي آغاز جو اعلان ڪري.