شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي انصاف نه مليو ته عام ماڻهو کي ڪيئن ملي سگهندو: بلاول زرداري

ملتان:-  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ انصاف جو نظام ظالم جو ساٿ ڏيندو آهي.هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ 2019 ۾ اسان انصاف جمهوريت ۽ عدليه جي لاءِ سوچي رهيا آهيون. هن چيو ته وڪيلن ۽ بهادر ججن جمهوريت جي لاءِ مقابلو ڪيو. پيپلز پارٽي عدليه جو احترام ڪري ٿي. وڪيلن ۽ بهادر ججن انصاف جي بالادستي جي لاءِ پنهنجي جانين کي خطري ۾ وڌو.بلاول چيو ته منهنجي ماءُ عدليه جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائي جڏهن ته عوامي حقن جي خاطر محترمه بينظير ڀٽو جان جي قرباني ڏني. شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي انصاف نه مليو ته عام ماڻهو کي ڪيئن ملي سگهي ٿو. عام ماڻهو جو عدليه تان اعتبار ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ نيب جي ذريعي جمهوري قيادت کي نشانو بنايو پيو وڃي.آمر جي ٺاهيل نيب انصاف جو مذاق ٺاهي ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته اڄ تائين ادارا هڪ به ڪيس آصف زرداري تي ثابت نه ڪري سگهيا آهن. ڪيس ٻين صوبن جا آهن ۽ ٽرائل راولپنڊي ۾ ٿي رهيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بي بي کي راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ اڄ پيپلز پارٽي جي قيادت جي خلاف ڪيس به پنڊي ۾ هلايا پيا وڃن.