شهيد فاضل راهو زندهه رهندو.

وقت ۽ تاريخ شهيد فاضل کي هڪ سورهيه ۽ انقلابيءَ ثابت ڪيو آهي. هو هزارين لکين انقلابي سجاڳ ۽ سچار سنڌين جي دلين ۾ سدائين رهبر جيان رهندو.

فاضل ڇا هو، فاضل ۾ ڪهڙيون ڏاهپون هيون، فاضل ڪهڙا ڪم ڪيا.هوءَ حڪمران ته نه هو پر مظلوم ڦريل، ماريل ۽ محڪوم عوام جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ڪيئن جوڙي ويو؟، فاضل چوٽيءَ جو جاگيردار يا سرمائيدار نه هو، ڪنهن به هٿ ٺوڪي قوم ۽ وڏيرڪي سياست جو پرچارڪ نه هو، فاضل ته هتان جي پنجن ئي حقيقي قومن سنڌي، سرائيڪي، بلوچ، پختون ۽ پنجابي قوم جي وجود جي مڃتا ۽ انهن جي مظلوم عوام جي حقن لاءِ ويڙهه ڪندو رهيو، پاٿاريدار، دهشت گرد ۽ ڌاڙيل نه هو، رسمي مفهوم ۾ اديب، شاعر، دانشور، مفڪر ۽ سياستدان نه هو، ڪنهن به اخبار يا رسالي جو پبلشر، ايڊيٽر ۽ ليکڪ نه هو، ٽي وي، ريڊيو ۽ فلم جو فنڪار نه هو،پر پوءِ به فاضل شهرت جي ايڏين بلندين تي پهتل ۽ لکين ماڻهن جي دلين ۾ وسندڙ هو.

جيڪڏهن سٺا گڻ ظاهر ڪندڙ هزارين لفظن سورهيه، سرويچ، سجاڳ، سچار، سچيت، سلڇڻو، محبتي، ملنسار، ماٺيڻو، مرڪڻو، مٺو، پُرخلوص، پيارو، پنهنجائپ وارو وغيره کي گڏ ڪري چئجي ته فاضل هڪ ماڻهپي وارو سنڌي ماڻهو هو جنهن فضيلت ۽ انسانيت جي انتهائي اعليٰ معيارن پٽاندر مظلوم قومن ۽ ڦريل عوام جي ڇوٽڪاري، سک ۽ سلامتيءَ لاءِ ماٺ ۾ سياسي پورهيو پئي ڪيو، ته ان ۾ ذري جيترو جو به وڌاءُ ناهي ۽ اهو سياسي پورهيو ڪندي هو ماءُ به هو ته پيءُ به، ڀاءُ به هو ته ڀيڻ به، سنگتي به هو ته ساٿي به، ڪارڪن به هو ته اڳواڻ به، همدرد ۽ غمگسار به هو ته عملي حال ڀائي به، تنظيم هيٺ رهندڙ ۽ سنڀاليندڙ به، ضابطي ۾ هلندڙ به هو ته ضابطو رکندڙ به، حڪم موجب ڪم ڪندڙ به هو ته حڪم هلائيندڙ به، تنقيد ڪندو به هو ته سهندو به هو ۽ واجبي تنقيد جي روشنيءَ ۾ پاڻ کي درست رکندو  به هو، جمهوري قدرن جو رکوال هو ۽ انهن کي منظم ڪندڙ به، ڇڙواڳيءَ ۽ آزاد خياليءَ سان کيس پوت ئي نه هئي پر قيد ڪري به نه رکندو هو. سڀني جي گڻن کي ويجهائڻ ۾ هر طرح سهڪار ڪندو هو جو ڪنهن جي اندر جو ايذاءُ نه ٿئي، جتي ڪٿي رازداريءَ کي رازداريءَ جي حقيقي معيارن موجب ئي محفوظ رکيائين. سهپ، رواداريءَ، نڀاءَ ۽ نياءَ ۾ سندس مَٽ ملڻ ڏکيو آهي. اڀرن، اڻپڙهيل، ميرن ۽ مسڪين ماڻهن جي وچ ۾ به وڏيرو ٿي ويهڻ بدران قرب، محبت، ڀائپيءَ ۽ پنهنجائپ جي ڪچهري مچائي رکندو هو. هر جدوجهد ۾ پنهنجي پوري ڏات ۽ ڏاهپ سان شريڪ هوندو هو. سدائين اڳين قطارن ۾ رهندي پوئنين قطارن تي به نظر رکندو ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندو هو. ”هلو ساٿيو“ نه، پر ”اچو ساٿيو“ سندس لفظ هوندا هئا.ڪو به ڪم ميار ٽارڻ واري نموني اڌو گابرو ڪري ٻين جي ڪلهن تي ڦٽو ڪرڻ بدران ’ڪبو ته توڙ تائين نڀائبو‘ جي اصول تي عمل ڪندڙ هو ۽ هر هڪ کان سندس صلاحيت ۽ سمجهه آهر پورو ڪم وٺندو يا ان جي حوالي ڪندو هو.عام قسمن جي ڳالهين ۽ ڪمن لاءِ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي اجائي ڦٿ ڦٿ ۾ ڦاسائي ان ۾ هر هر رخني اندازي ۽ رنڊڪ ڪرڻ بدران بيڪار ڪم ڦٽا ڪري صحيح ڪم سنئون سڌو لائق ڪارڪن جي حوالي ڪندو هو. اوچتو دماغ ۾ آيل ڪنهن خيال تي اکيون ٻوٽي ڀڄ ڊڪ ڪرائڻ بدران اڳ ۾ ڪمپيوٽر جي تيزيءَ ۽ ڦڙتيءَ سان سڀ طرفو جائزو وٺي، ضروري سوچ ويچار ڪري، ڇڏي ڏيڻ جهڙو ڪم هجي ته رد ڪري ڇڏيندو ۽ ڪارائتو هجي ته ڪم ۾ آڻيندو هو. ڪُوڙيون، هٿ ٺوڪيون بيماريون پيدا ڪري انهن جي بهاني ڏکيائي جي ڪمن کي ٽارڻ يا انهن کان لنوائڻ بدران سور  هوندي به هر ڏکيائيءَ جو ڪم ڪندو، مرڪندو ۽ همتون وڌائيندو رهندو هو. لٻاڙي لفاظيون هڻي، هٿ ٺوڪيون تشريحون ڪري، پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪرڻ بدران سڌيون حقيقتون پنهنجن سمورن نقصن، انديشن، انومانن ۽ جوکن سميت ظاهر ڪندي مثبت پاسن تي نظر رکي الله توآهر ڪرڻ وارو ماڻهو هو.پنهنجو پيٽ سور لاهڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ٽيليفونون ڪري يا خط لکي ڪارڪنن جا سوين رپيا ڀاڙن ۾ خرچ ڪرائي کين غير ضروري ۽ سطحي ڳالهيون ٻڌائي کٿ ڪرڻ بدران وقت سر ڪارڪنن کي گهرائبو به، ته ڳالهيون اهڙيون تنظيمي ۽ تعليمي ٿينديون جو ماڻهو سمجهندو ته نئون ايمان پِرايو ۽ ڀروسو وڌايو اٿم يا وري معمولي کان معمولي ڪارڪن، همدرد، هم خيال وٽ پاڻ ئي وڃي پهچندو ۽ ڪم ڏسيندو. ملڻ جو شوق، جذبو ۽ سياسي عقيدت يا هم خيالي رکندڙ ماڻهن کي وقت ڏئي، ٻه ٻه ڪلاڪ ويهاري، انتظار ڪرائي، بيماريءَ جو بهانو ڏئي ٽاري، وڏ ماڻهپ جهاڙڻ ۽ شرم لڪائڻ لاءِ ”ماڻهن کي اثر ۾ آڻڻ جو اهو طريقو آهي“ چوڻ بدران وقت ڏبو ته ملبو ضرور پر اوچتو آيل جي به اهڙي کِلي کيڪار ڪبي ڄڻڪ ان جي ئي انتطار ۾ هجي، ڳالهائبو اهڙي پيار ۽ قرب سان جو سياسي طور متفق نه هوندي به هو بي اختيار چئي اٿندو، ”ماڻهو ته فاضل، مٺو ۽ محبتي“.ڪارڪنن جي هر ملندڙ ماڻهو سان پرپٺ گلاخوري مان فاضل نه ڄاڻي، جي گڻ هوندس ته ساراهه ڪبي ۽ جي گڻ نه هوندس ته به گلا نه ڪبي. هر ڪارڪن ۽ ملندڙ ماڻهوءَ کي پڪ هوندي ته فاضل پرپٺ هن بابت ڳالهائيندو ته سچ ڳالهائيندو، حقيقت اها آهي ته هن جو دليل ۽ وزن سندس عمل جي پختگي ۽ قول سان سچو هجڻ هو. هو ننڍن عملن، جلسن، جلوسن، مظاهرن وغيره کي اهڙو بيان نه ڪندو هو، سنڌ جي آئيندي جو دارومدار هو ئي انهن تي. هو ته انهن کي ماڳ ڏانهن وڌڻ جو هڪ ڏاڪو سمجهندو هو، هڪڙي ڪانفرنس ڪري ان تي ڇهه مهينا سياسي هٿ هلائڻ سندس وڙ نه هو، جلسي ۽ جلوس کي سياسي ڌِڪي طور ڪم نه آڻيندو هو. هن جي نظر ته ماڳ تي هوندي هئي ۽ ان لاءِ هر قسم جا ڏونگر ڏوريندو، لنگهه لتاڙيندو، راهون رنديندو من موج سان اڳتي وڌندو رهندو هو. گهڙيءَ کن جو آرس ۽ جهٽ پل جي ٽوٽائپ به سندس ريت جي خلاف هئي. هر دم تيار، هر گهڙيءَ ڦڙت، هر ويرم جوشيلو ۽ هر وقت ڪم فاضل جو وڙ هيو. هر نياڻيءَ کي پنهنجي ڌيءَ ۽ ڀيڻ برابر سمجهندي ۽ سندن حد درجي احترام ڪندي ڪم جي سلسلي ۾ مرد جي برابر سمجهندو هو.

سچ پچ تڪليف هوندي به ڪارڪنن توڙي ملندڙن جي جيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪرڻ، سندن ڏک سور، شڪايتون، اعتراض ۽ سوال (۽ سندس نظر ۾ ڀلي ناجائز هجن) هر قسم جون تنقيدون ٻڌڻ ۽ انهن جا مناسب حل ٻڌائڻ يا حل ڪرڻ ۽ ذاتي دلچسپي وٺي توڙ تائين نڀائڻ فاضل جو ڪل وقتي ڪم هو. گهڻي تڪليف ۽ ”بڇان جهڙا“ ڪم به پاڻ ڪري ساٿين کي آسائش ۽ آرام پهچائڻ جو اونو هر وقت رکندو هو، ۽ اهو سڀ ڪجهه رڳو پنهنجي تڏي تي نه، سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾، قيد توڙي بند ۾، بلوچستان توڙي پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ (جتي به پاڻ پهتو) پنهنجا ماورائي، ديوتاڻا، مخلص ۽ پيار ڀريا قصا ڇڏي آيو. جنهن فاضل ڏٺو ۽ ٻڌو، جيڪو به فاضل سان مليو تنهن ڄڻ ماکي ۽ مکڻ کاڌو. جانب تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان!

فاضل اهو فنڪار هو جنهن انقلاب جا چِٽ چٽيا ۽ هر گهڙيءَ اورچائيءَ جي جدوجهد جا نغما پکيڙيا، اهو سياستدان هو جنهن پنهنجي قول جي سچائي پنهنجي عمل سان مڃائي، اهو مفڪر هو جنهن حق ۽ سچ کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ظاهر ڪيو. فاضل سنڌ جي هڪ پراهين ڪنڊ ڪڙيو گهنور گولاڙچي کان نڪري سڄي دنيا جي وسعتن ۾ سج جي روشني جيان پکڙيو ۽ جنهن ڏٺو تنهن بيشڪ سچ مڃيو. فاضل پنهنجي نوجوانيءَ کان وٺي ظلم خلاف جنگ جوٽيندو آيو، پوءِ اها جنگ تر جي وڏيرن جي ڏاڍاين ۽ ڦرلٽ خلاف هجي يا پوليس ۽ ڪورٽن جي بي انصافيءَ خلاف، شاگردن جي آمريت خلاف ويڙهه هجي، سنڌ جون ٻنيون نام نهاد نيلامي وسيلي ڦٻائڻ جي سازش خلاف احتجاج هجي، ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺاهڻ، سنڌي ٻولي قومي ٻولي بڻائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف ڪيل فسادن جي باهه ۾ ساڙيل سنڌين جي بچاءَ جي جنگ هجي، جمهوريت جي نالي ۾ مڙهيل آمريت جي خلاف مظلوم قومن جا حق بچائڻ جي جنگ هجي يا اگهاڙي فوجي آمريت جي ڏاڍ خلاف ويڙهه يا وري عالمي سامراجي قوتن جي ڏاڍاين ۽ دخل اندازين خلاف جنگ، سنڌ ۾ هجي يا بنگلاديش ۾، بلوچستان ۾ هجي يا افغانستان ۾، جتي به ظلم خلاف جنگ جو اعلان هوندو.

فاضل پنهجي قوت آهر اڳرو نظر ايندو. هن پنهنجي جدوجهدن ۾ ڄاڻي ورتو ته سٺي ۽ سڌريل تنظيم کان سواءِ انقلابي جدوجهد هلائي نه ٿي سگهجي ۽ انقلابي جدوجهد کان سواءِ ڦريل ۽ سمورين قومن ۽ عوام کي حقيقي نجات نه ٿي ملي سگهي. ان لاءِ ضروري هو ته سهپ، رواداري، سڀ طرفي تعليم، ٻڌيءَ ۽ توڙ تائين گڏيل جدوجهد جو پايو مضبوط ڪيو وڃي. ڪنهن به ڏاڍ آڏو جهڪڻو ناهي، پاڻ وڪڻڻو ناهي، ڀاڙي ٿيڻو ناهي، سورهيائيءَ ۽ سرويچيءَ سان اورچ جدوجهد ئي نجات جي راهه آهي۽ فاضل ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت هو. افسوس اڄ سندس اولاد ڪڏهن نواز شريف کي ان جو تسلسل ۽ وارث ٿو بنائي ته ڪڏهن زرداري کي ته ڪڏهن چوڌري شجاعت کي ته ڪڏهن ڪنهن کي ته ڪڏهن ڪنهن کي. فاضل عوام مان هو ۽ عوام فاضل مان آهي. فاضل جو مٽ عوام دشمن ڪرپٽ مافيا نٿي ٿي سگهي…!!!

ليکڪ: اشرف پليجو