شهيد شاهنواز ڀٽو جي 35هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويئي

حيدرآباد:- پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزند شهيد شاهنواز ڀٽو جي 35هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويئي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ورسي تقريبون ڪوٺائي شهيد شاهنواز ڀٽو کي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي ويئي. ان سلسلي ۾ شهيد شاهنواز ڀٽو جي 35هين ورسي جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ۽ گل نڇاور ڪيا. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد شاهنواز ڀٽو جمهوريت جي بالادستي لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيندي ڊڪٽيٽر خلاف مزاحمت جو لازوال مثال قائم ڪيو. شهيد شاهنواز ڀٽو عالمي فورمن تي پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جي اهميت کي واضح ڪيو جنهنڪري پاڪستان جي جوانن لاءِ شهيد شاهنواز ڀٽو جي شخصيت هڪ آئيڊيل آهي، اڄ جيڪڏهن پاڪستان ۾ جمهوري روايتون آهن ته ان جو هڪ ڪارڻ شهيد شاهنواز ڀٽو جي قرباني به آهي. هوڏانهن ملڪ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به شهيد شاهنواز ڀٽو جي 35 هين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان شهر جي ڪينيڊي آفيس ۾ تقريب ڪوٺائي قرآن خواني ڪئي وئي جتي شهيد شاهنواز ڀٽو جي لاءِ دعا گهري لنگر پڻ ورهايو ويو. تقريب ۾ جنهن ۾ ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو ميئر جي خير محمد شيخ، پيپلز پارٽي ڪميٽي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ اعجاز احمد لغاري، سٽي ڪنوينر آفتاب نيڪ محمد ڀٽو، يوٿ ونگ ڊويزن لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري مهراڻ خاصخيلي، ضلعي صدر عمران حسن جتوئي، جنرل سيڪريٽري ظهير احمد ناريجو، ڪامران اوڍاڻو، سرائي سرفراز کوکر، سپاف سنڌ جي اڳواڻ جنيد لغاري، عبدالرحمٰن موريو، عبدالغفار ملاڻو، عمران شيخ، سمندر شيخ، آصف علي عباسي، منصور ديناري سميت شهر جي مختلف يونين ڪاميٽين جي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل جمهوري وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي غريب عوام جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي ان جدوجهد ۾ سڀ کان پهريان سندس گهر واري بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ٻارڙن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو کي به شامل ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس اولاد  آمريت خلاف ڪنڌ جهڪائڻ کان ڪنڌ ڪٽائڻ قبول ڪيو پر ڪڏهن به آمر حڪمرانن سان عوام جي حقن ۽ جمهوريت تي سوديبازي نه ڪئي اهو ئي سبب هو جو کين هڪ سازش تحت واري واري سان شهيد ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهداد ڪوٽ پاران ڪامريڊ شهيد شاهنواز ڀٽو جي 35 هين ورسي المرتضيٰ هائوس ۾ ملهائي قرآن خواني ڪري دعا گهرڻ بعد لنگر ورهايو ويو. ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر محمد زبير جتوئي، ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي صدر منير احمد بروهي، غلام رسول عمراڻي، امتياز گاد، فقير حبيب پتوجو، لياقت علي عمراڻي، محراب ڀٽو، ذوالفقار جوکيو، گلچرل ونگ جي برڪت علي گاد ۽ ٻين چيو ته ڪامريڊ شهيد شاهنواز ڀٽو اڄ به لکين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو، شاهنواز ڀٽو بهادر پيءُ جو بهادر پٽ آهي جيڪو ڪڏهن به آمر ضياءَ اڳيان نه جهڪيو، اسان کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، شهيد شاهنواز ڀٽو ان وقت شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو سان گڏ جلاوطن هوندي به ٻاهر غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي حقن لاءِ ويڙهاند ڪئي هتان جي ڊڪٽيٽر ضياءَ کي خوف هو ته ٻئي شهزاده جلاوطني بعد ملڪ موٽي آيا ته عوام انهن سان گڏجي هوندو ان لاءِ هن ضياءَ پنهنجي سازش ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ 18 جولاءِ 1985ع ۾ ڪامريڊ شهيد شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏئي شهيد ڪرائي ڇڏيو کيس عظيم قرباني تي سلام پيش ڪريون ٿا. ورسي تقريب ۾ طاهر خان مغيري، مير چانڊيو، يونس چانڊيو، محمد جان بروهي، منظور علي بروهي، محمد صالح، خان آريجو، رضا ڀٽي، عبدالستار جاگيراڻي، غازي ابڙو، اظهر چانڊيو، محمد سليم چنا، عامر تنيو، عرفان تنيو، سرائي اشفاق عباسي، خالد حسين ڀٽو، حسين علي کوسو، مختيار علي جويو سميت ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. قمبر ۾ پ پ شھيد ڀٽو طرفان قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بھادر فرزند شهيد شاهنواز ڀٽو جي 35 هين ورسي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي ڪارڪنن طرفان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان قرآن خواني ڪري شھيد شاهنواز ڀٽو جي مغفرت لاء دعا پڻ گهري وئي . پي پي پي شهيد ڀٽو ضلع سانگهڙ پاران شاهپور چاڪر ۾ ضلعي مرڪزي آفيس تي شهيد شاهنواز ڀٽو جي 35 ورسي جي موقعي تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن کي ضلعي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ لکاڏنو ڏاهري، شاهد ميمڻ، يونس جان بروهي، شير ڏاهري خطاب ڪندي شهيد شاهنواز ڀٽو کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. پي پي شھيد ڀٽو شھدادپور طرفان شھيد شاهنواز ڀٽو جي ورسي تقريب ٻگهيو هائوس شھدادپور ۾ ٿي جنهن شھيد ڀٽو جا مرڪزي اڳواڻن ضعلي ۽ تعلقن جي عهديدار سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪن شرڪت ڪئي انهئ موقعي تي. علي احمد پليوپٽو. اسلم شاھ، غازي قادر بخش ڪٻر، حضور بخش سولنگي،رفيق ڏاهري،نانا ستار رند مجنون ڀٽو.ناز قربان مگسي.خميسو خان وسطڙو غلام مصطفيٰ ٻگهيو، سليمان سومرو.مبين درس مظھر چانڊيو.مظھر ڪنڀر خطاب ڪيو. آخر ۾ شھيد شاھنواز ڀٽو سميت سمورن ساٿين لاءِ دعا گهري لنگر ورهايو ويو.