شهيد راڻي جي اڄ 12 هين ورسي:راولپنڊيءَ ۾ جلسي کي بلاول خطاب ڪندو

راولپنڊي:- ملڪ ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيندڙ ڀٽو خاندان ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي 40 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڀٽو خاندان جي اهم شخصيت اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 12 هين ورسي سندس شهادت واري هنڌ لياقت باغ راولپنڊي ۾ اڄ ملهائي ويندي.جلسي کي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا.ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي سميت ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان قافلا راولپنڊي روانا ٿي ويا آهن.هوڏانهن پيپلز پارٽي پاران راولپنڊي ۾ جلسو منعقد ڪرڻ بعد ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ڪوٺائي ويندي.جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري، پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ فريال ٽالپر سميت ٻيا صوبائي توڙي مقامي اڳواڻ شرڪت ڪندا. ورسي جي موقعي تي صبح جي وقت ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ قرآن خواني ڪري لنگر ورهايو ويندو جنهن بعد پارٽي اڳواڻ شهيدن جي مزارن تي حاضري پڻ ڀريندا. ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ داخل ٿيندڙ سمورن دروازن کي ڪارڪنن جي لاءِ پهريون ڀيرو کوليو ويو آهي جڏهن ته سڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪندي سي سي ٽي وي ڪئميرائون، واڪ ٿرو گيٽس، ميٽلڊ ڊٽيڪٽر  لڳائي بم ڊسپوزل اسڪواڊ سميت اسپيشل ڪمانڊوز فورس، عورت پوليس اهلڪارن ۽ ٽريفڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.پ پ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ۽ ايم پي اي ندا کهڙو جي اڳواڻيءَ ۾ ليڊيز ونگ ۽ ٻين ڪارڪنن ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزار ٻاهران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تصوير اڳيان گل رکي ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي ندا کهڙو چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي مرڪزي جلسو راولپنڊي ۾ ٿيندو ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ قرآن خواني ڪئي ويندي، اڄ اسان ميڻ بتيون ٻاري شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جي پنڊي جلسي جي ڪري وائڙائپ جو شڪار آهي، پنڊي جلسي جي لاءِ ڪارڪنن کي بڪنگ ٽرينون به نه ڏنيون ويون، پنڊي جو جلسو وفاقي حڪومت جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيندو. هن چيو ته سليڪٽيڊ وفاقي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن جلد ملڪ ۾ عوامي جمهوري حڪومت جو راڄ قائم ٿيندو.