شهيد راڻيءَ جا آخري اڍائي مهينا : ليکڪ منظور سولنگي

18 آڪٽوبر جي ڏينهن تي، ماڻهن جي سمنڊ ۾، جڏهن هو ڪونج  وانگي اڏري لٿي، ته مورڙي جي شهر ۾ لکين ماڻهو اکيون وڇائي هن جي استقبال لاءِ آيا هئا. پنهنجي قائد جي هڪڙي جهلڪ ڏسڻ کانپوءِ هن جي پرستارن جا منهن ته ٻهڪي پيا هئا، پر هو ڌرتيءَ تي پير رکڻ کان اڳئي روئي پئي. ڇا ؟ – هن سمجهيو پئي ته جهاز جي اها سيڙهي هن کي شهيدن جي ان پيڙهيءَ ڏانهن وٺي ويندي، جنهن جي ٻئي ڇيڙي تي هن جا ڀائر ۽ بابو بيٺل آهن؟ يا هن اهو اڳ واٽ سمجهي ورتو هو ته هوءَ هن ڀيري هن ملڪ ۾ مارجي ويندي ؟ ۽ اباڻي ڌرتي سندس لاءِ ڌر تتي بڻائي ويندي؟ ۽ سندس آجيان لاءِ آيل ڄاڃي، ڪانڌي بڻجڻ تي مجبور ڪيا ويندا ؟؟. ڪراچي جي هوائي اڏي تي جڏهن سندس استقبال لاءِ ٽهڪ هئا ته هو رُني پئي ۽ جڏهن هوءَ مرڪندي مرڪندي شهادت جي رستي ڏانهن گامزن ٿي آهي، تڏهن اسين سڀ روئڻڪار ۾ آهيون.

“ڪبيرا، جب هم پيدا هئي، جگ هسني، هم روءِ

اب ايسي ڪرني ڪر چلو، هم هنسي جگ روءِ”

شهيد راڻي جو اڍائي مهيني جو هي سفر، شهاب الدين غوري جي، “اڍائي دن ڪا جهوپڙا” جي نماز وانگي سندس سياست جي سمورن فرضن جي ادائيگي جهڙو هو. اڍائي مهينن جي مختصر عرصي ۾ هو پنهنجي شهيد ڪارڪنن جي تعزيت لاءِ به وئي ۽ پنهنجي وڏڙن جي بٺين تان به ٿي آئي. پنهنجي اباڻي گهر، نئين ديري ۾ به آئي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلسا به ڪري آئي ۽ آخر ۾ ڪيتريون ئي وصيتون ڪري عوام دشمنن سان وڙهندي وڙهندي مارجي به وئي.

“ڏسو هي قدم، جي مقتل کان عدم ڏي ٿا وڃن،

مٽائي جوڻ نئين روپ جنم ڏي ٿا وڃن،

هي داستان سندا رنج الم ڏي ٿا وڃن،

ڦڙا لهو جا وري ڪنهن جي قلم ڏي ٿا وڃن،

هتان ئي پرک ٿئي ٿي حسين ۽ يزيد جي،

نگاهه راهه تي رهي، هي راهه آهه شهيد جي”

واديءَ مهراڻ جي شهيد راڻي جو سياسي سفر هونهن ته 30 سالن تي پکڙيل هو، پر گذريل اڍائي مهينن ۾ هن ڄڻ، پنهنجي سياست ۽ زندگيءَ جي سمورن بابن کي سهيڙي ڄڻ ڪتابي شڪل پئي ڏني. اڍائي مهينن جي آخري سفر ۾، شهيد راڻي جون سڀ سرگرميون انوکيون ۽ عجب جهڙيون هيون. دبئي کان واپسي، 18 آڪٽوبر واري سانحي کان پوءِ پهرين پريس ڪانفرنس، ان کانپوءِ وري ايمرجنسي لڳڻ بعد تڪڙي وطن واپسي، ايمرجنسي کان بعد ۾ اسلام آباد جي چونڪن تي ڪيل جلسا، هٽايل چيف جسٽس جي گهر ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش، لاهور مان شروع ڪيل لانگ مارچ ۽ آخر ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيل چونڊ جلسن ۾ محترما بينظير ڀٽو پنهنجي سياست جا پتا، اهڙي ريت پئي کيڏيا جو سندس ڪارڪن کي رشڪ ۽ سندن دشمنن کي ريس ٿيندي هئي. محترما بينظير ڀٽو جي اهڙن دائن ۽ پيچن سبب سندس مخالف دهلجي پيا ۽ ان کانپوءِ هنن، محترما جي سفر جو مفاصلو تڪڙ ۾ مختصر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان ڏينهن کان ئي سندس پٺيان قاتل بگهڙن جي هڪ ٽولي لڳائي وئي. سندس هر سياسي قدم ۽ سرگرمي اهڙي ته تيز ۽ وقتائتي لڳندي هئي جو سندس نقاد به ائين چوڻ تي مجبور ٿيا هئا ته “محترما هن ڀيري تبديل ٿي آئي آهي”. محترما بينظير ڀٽو جا سياسي قدم ۽ حڪمت عمليون ته ڄڻ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ رهبري جي رستي وانگي هيون. پر اڍائي مهينن ۾ هن مهمان شهزاديءَ جيڪي تقريرون ڪيون، اهي به ڄڻ شام غريبان جون اهي مجلسون هيون، جيڪي ٻڌڻ کانپوءِ ڪنهن اڻ ڏٺي ڪربلا جون اڳڪٿي لڳن ٿيون. ڪراچي  جي هوائي اڏي تي سر زمين تي پير رکڻ کان اڳ، هن جڏهن رنو ته سندس اکين ۾ اوتيل آبشار ڪيتري وقت تائين وهندو رهيو ۽ سندس اکين جا لڙڪ ئي نه پئي بيٺا.

“هر هڪ ڳوڙهو درد جو، ڳورو جهڙو پاءُ

سنڌڙي تنهنجي سور جو”

هن ڀيري شهيد راڻي ايترو ته رنو هو جو سندس مهتابي چهرو، سرخ ٿي ويو هو. محترما بينظير ڀٽو جي اکين ۾ ايترا لڙڪ، اڳ ۾ ڪڏهن به نظر نه آيا هئا. ڪٿي ائين ته نه هو ته هن پنهنجو پاڻ سان عوام جي پاران انهيءَ ڏينهن تعزيت ڪري ڇڏي هئي؟

“ڏونگر اوچا مَ ٿيو، وڌو مَ وڻاهه،

ٽمون نه نيڻاهه، ته پسان پير پرينءَ جو”

ايئرپورٽ تي لاڙيل لڙڪن مان هن ڪجهه قطرا، ان لاءِ به روڪي ورتا هئا، ته هو اهي ڳوڙها، قائداعظم جي مزار تي عوام سان گڏجي ڳاڙيندي پر ڪارساز جي سانحي هن جا اهي ڳوڙها پڻ روڪي ورتا.

فيض ڪيئن نه چيو:

“ان سي مل ڪر، همين رونا ٿا، بهت رونا ٿا،

تنگيءَ وقت ملاقات ني روني نه ديا”

شهيد راڻيءَ، جنهن موت جو پاڇو، هوائي اڏي تي محسوس ڪيو، اهو موت هن کي ڪارساز وٽ گڏيو، پر هيءَ ان کان به مرعوب نه ٿي. ۽ ٻئي ڏينهن تي بلاول هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن رات جي رهزنن، چورن ۽ چمڙن کي للڪاريندي چيو ته بم ڌماڪن سان کيس ڪڏهن به ڊيڄاري نٿو سگهجي. هن اُتي اها به وارننگ ڏني ته مٿس ٿيل حملو هڪ فرد تي حملو نه پر جمهوريت ۽ ملڪ جي يڪجهتي تي حملو هو. هي اُها پهرين پريس ڪانفرنس هئي جنهن ۾ شهيد ڀٽي جي راڄ ڌياڻي ڌيءَ پنهنجي شهيد ڪارڪنن جي ڏک تي ڳالهائيندي، مٿي اگهاڙي ٿيڻ جي به پرواهه نه ڪئي. محترما جي زندگي ۾ اهو به پهريون ڀيرو هو جو ڳالهائڻ دوران هن جو مٿو اگهاڙو ٿي ويو هو ۽ هن کي ان جي ڪابه خبر توڙي پرواهه نه رهي هئي.

“ڪلهي پاتم ڪنجرو، مٿو اگهاڙو

منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هاڻ ڀنڀور ۾”

ڪارساز جي ڌماڪي کانپوءِ راڻي، راڄڌياڻي کي عوام کان پري رکڻ لاءِ خودڪش حملن جا ڊپ ڏنا ويا، پر هو لطيف جي بيت وانگي جنهن رستي سان ڪالهه زخمي ٿي نڪتي، ٻئي ڏينهن به ان سفر ڏانهن رواني ٿي.

“لٺيون، جٺيون موچڙا، گاريون گل سندان،

جٿان ڪالهه لڳان، اڄ پڻ پهريان اوڏهين”

پنهنجي اڍائي مهينن جي سفر ۾ محترما جيڪي تقريرون ڪيون، تاريخ ۾ اڳ، هن ڪڏهن به اهڙيون تقريرون نه ڪيون هيون. ماڻهن جا ميڙ ڏسي ۽ جيئي ڀٽو جي نعرن جا پڙلاءَ ٻڌي سندس جذبات جو جوالا مکي ڀڙڪي پوندو هو. سندس تقريرن جا تيور محسوس ڪري ماڻهو چوڻ لڳا هئا ته “محترما ايڏو ڪڏهن به جذباتي نه هئي” جهڙي هن ڀيري آهي”. نه رڳو ايترو پر هن ويڳاڻي واديءَ جي شهيد راڻيءَ پنهنجي آخري سفر ۾ ماڻهن کان جيڪي ميثاق ۽ واعده ورتا اُهي به اڳ ۾ شايد ڪڏهن نه ورتا ويا هئا. هن جتي به  جلسو پئي ڪيو، اُتان جي ماڻهن کان هٿ کڻائي واعدو پئي ورتو. شهيد راڻي جي وچن وٺڻ جي اها ڪهاڻي ڪا هڪ طرفي نه هئي پر شهيد شهزادن جي شهيد پيءُ جي هيءَ سخن ور ڌيءُ، هر هنڌ عوام سان اهو واعدو پئي ڪيو ته هوءَ ڪڏهن به پنهنجي سينڌ ميري ٿيڻ نه ڏيندي ۽ هن جو جيئڻ مرڻ پڻ عوام سان آهي. راولپنڊي جي آخري جلسي ۾ پنهنجي سينڌ ۾ رت جو سينڌور ڀرجڻ کان اڳ مهراڻ جي وادي جي شهيد راڻي پنهنجي پيءُ ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت واري جاءِ کان ٿورو پنڌ تي قربان ٿي، پنهنجي انهن وچنن، ورنن ۽ سخنن کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو، جن وچنن جا گڻ مهراڻ جي وادي جا سڀئي لوڪ، ڪشمير کان ڪراچي تائين رت گاڏئن ڳوڙهن سان ڳائي رهيا آهن.