شهيد بينظير ڀُٽو يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين،جو سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج، پوليس جي شيلنگ

 نوابشاهه:- شهيد بينظير ڀُٽو يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف يونيورسٽي ٻاهران احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن فرحان بروهي، جنيد آرائين، اسد بروهي، بشارت ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  اسان جن هاسٽلن ۾ رهون ٿا اتان جي 24هزار روپيا في ڏيون ٿا پر اتي ٻن هزارن جي سهولت به نٿي ملي هر سال ٽوئر ڪرايو ويندو آهي اهو به نٿو ڪرايو وڃي ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي به شاگردن کي نه ٿو ڏنو وڃي ٻن ڪلاڪن تائين يونيورسٽي آڏو ڌرڻو جاري رهيو پر يونيورسٽي جو ڪو به ذميوار شاگردن وٽ لڙي نه آيو جنهن بعد شاگرد ۽ شاگردياڻيون نوابشاهه سڪرنڊ روڊ تي اچي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو روڊ کولرائڻ لاءِ پوليس شاگردن سان ڳالهيون ڪيون پر شاگردن انڪار ڪيو جنهن کانپوءِ شاگردن مٿان پوليس شيلنگ ۽ لاٺي چارج شروع ڪري ڏنو  جنهن ۾ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻي صائمه مورو، عثامه کوکر، مقبول بروهي، هاشم لغاري، منصور ڀنگوار، ارسلان ملڪ، ذوالفقار لغاري ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا  جن کي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو ٻئي پاسي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي پبلڪ رليشنز ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاشف نوراني ٻڌايو ته شاگردن جا اڪثر مطالبا مڃيا ويا آهن فيسز گهٽ ڪرڻ جو مسئلو سينڊيڪيٽ ۾ حل ڪيو ويندو .