شهيد بشير خان قريشي جي اٺين ورسي اڄ سادگي سان ملهائي ويندي

ڪراچي:- جيئي سنڌ قومي محاذ ڪورونا وائرس سبب شهيد بشير خان قريشيءَ جي ورسي سادگي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جسقم جي مرڪزي چيئرمين صنعان قريشي هڪ بيان ۾ اعلان ڪيو ته ڪورونا وائرس انسانيت کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي، تنهن ڪري بشير خان قريشي جي اٺين ورسي سادگي سان ملھائي ويندي.هن چيو ته مک تقريب ۽ جلسو ملتوي ڪيو ويو آھي،باقي ڪارڪن انفرادي حيثيت ۾ مزار تي حاضري ڀريندا ۽ گلن جي چادر چاڙھيندا.سندس چوڻ هو ته صبح جو قرآن خواني ڪرائي ويندي ۽ خيرات جي ماني پڻ ٿيندي. صنعان قريشي چيو ته ھن وقت ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا پريشان ۽ انسانيت خطري ۾ آھي، ان ڪري جسقم جا ڪارڪنن پنھنجن علائقن ۾ ڏوکويل ماڻھن جي مدد ڪن ۽ لاڪ ڊائون سبب بيروگار ٿيل ماڻھن سان ھمدردي ڪندي ھر ممڪن ڪوششون وٺن.ھن چيو ته ڪارڪن پنھنجن گھرن ۾ رھي بشير قريشي جي تصوير آڏو گل رکي ان کي ڀيٽا پيش ڪن، اجتماعي سرگرميون ملتوي ڪن ڇاڪاڻ جسقم جو ھڪ ڪارڪن لکن جي مٽ آھي.سندس چوڻ هو ته ڪارڪن پنھنجو خيال رکن ۽ مقامي سطح تي جيڪي ڪارڪن مزار تي حاضري ڏين ته اھي اجتماعي صورت ۾ نه اچن پر انفرادي حيثيت ۾ حاضري ڀري دعا گھري ھليا وڃن.صنعان قريشي، ڪارڪنن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو ته في الحال اجتماعي سرگرميون ملتوي ڪيون وڃن. هوڏانهن ڀنگوبھڻ۾ جي شھيد بشير خان قريشي کي ورسي جي موقعي تي ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ڳوٺ غلام نبي شر ۾ ننڍڙن ٻارن سڀيتا، بشير خان، مقصود خان جي اين سنڌي، شهيد بشير خان جي تصوير اڳيان ڏيئا ٻاري، گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي.