شهزادو وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن جو گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول يونيورسٽي ڪالوني جو دورو، ٻارن ۾ رلي ملي ويا

اسلام آباد : برطانوي شهزادي وليم ۽ سندس گهرواري ڊچز آف ڪيمبرج ڪيٽ مذلٽن طرفان اڱاري تي گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول يونيور سٽي ڪالوني جو دورو ڪيو. شهزادي وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن اسڪول جي ٻارن ۾ رلي ملي ويا. پرنس وليم ۽ سندس گهر واري اسڪول جا مختلف حصا گهمي ڏٺا. ان موقعي تي اسڪول انتظاميه پاران شاهي جوڙي کي اسڪول بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ کين پاڪستان ۾ تعليمي نظام بابت به آگاه ڪيو ويو.