شهباز شريف ۽ حمزه شهباز 5 ڏينهن لاءِ پَرول تي آزاد

لاهور : قومي اسميبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز 5 ڏينهن لاءِ پَرول تي آزاد، ن ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي ڪوٽ لکپت جيل مان وٺي ويا، ٻنهي اڳواڻن کي بيگم شميم اختر جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ پرول تي آزاد ڪيو ويو: لنڊن جي ريجنٽ پارڪ مسجد ۾ بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ادا، نواز شريف سميت شريف ڪٽنب جي رڳو 30 ڀاتين کي جنازي نماز ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي، بيگم شميم اختر جو مڙهه پاڪستان روانو ڪرڻ جون تياريون به مڪمل: لنڊن توڙي جاتي امراءَ ۾ شريف ڪٽنب سان تعزيت جو سلسلو به جاري آهي