شهباز شريف جو مولانا فضل الرحمان جي حڪومت خلاف ”آزادي مارچ“ جي حمايت جو اعلان

اسلام آباد :- پاڪستان مسلم ليگ ن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي حڪومت خلاف ”آزادي مارچ“ جي حمايت ڪندي ان ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ ن جي صدرشهباز شريف سان ملاقات جي لاءِ ماڊل ٽائون پهتو جتي ملاقات ۾ لانگ مارچ ۾ ن ليگ جي شرڪت جي حوالي سان ڳالهين کي حتمي شڪل ڏني وئي ۽ مسلم ليگ ن مولانا کي پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي.ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورين سياسي پارٽين جن اسان کي لانگ مارچ ۾ ڀرپور سپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي اسان ان تي سندن ٿورائتا آهيون ۽ 31 آڪٽوبر تي عوام لکن جي انگ ۾ اسلام آباد ۾ داخل ٿيندو.هن چيو ته اسان سمورين پارٽين جي سربراهن ۽ مخالف ڌر جي پارٽين سان گڏ اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا ۽ اڳتي لاءِ بندوبستن جا فيصلا به گڏيل طور تي ڪرڻ چاهينداسين.جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه چيو ته اسان هر هر چئي رهيا آهيون ته هي حڪومت ناجائز به آهي ۽ نااهل به آهي ۽ انهن جي لهجي ۽ زبان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ڪهڙي ريت هو هڪ پاسي اسان سان ڳالهين جي لاءِ ڪميٽيون جوڙي رهيا آحن ته ٻئي پاسي اسان کي گاريون ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته تذليل، گاريون، ڳالهيون ۽ سنجيدگي ڪڏهن به گڏ نٿي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن حڪومت واقعي سنجيده آهي ته پهرين استعيفيٰ ڏئي جنهن کان پوءِ اڳتي لاءِ اسان ڳالهيون ڪري سگهون ٿا ڇو ته استعيفيٰ کان سواءِ ڳالهيون ڪرڻ اسان ڪا به معنيٰ نٿو رکي.ان موقعي تي شهباز شريف حڪومت ڪارڪردگي کي بدترين قرار ڏيندي چيو ته ادارن عمران خان جي حمايت ان ڪري ڪئي ڇو ته انهن کي اميد هئي ته ملڪ ترقي ڪندو پر وزير اعظم ناڪام ٿي ويو.هن چيو ته ادارن جي جيتري حمايت هن حڪومت کي ملي، جيڪڏهن ان جي 25 سيڪڙو حمايت ڪنهن ٻئي حڪومت کي ملي وڃي ها ته ملڪ ترقي جي رستي تي ڊوڙندو هجي ها.شهباز شريف چيو ته ڪراچي کان پشاور تائين عوام چئي رهيو آهي ته حڪومت کي گهر وڃڻ گهرجي ۽ نيون چونڊون ٿيڻ گهرجن ۽ اسان به پنهنجي سربراهه نواز شريف جي هدايت جي موجب 31 آڪٽوبر تي اسلام آبد ۾ جلسا ڪنداسين.هن چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال تباهي تي پهچي چڪي آهي، سيڙپڪاري ختم ٿي چڪي آهي، مهانگائي عروج تي ۽ علاج عام ماڻهو جي لاءِ ممڪن ناهي رهيو ۽ حڪومت دوائن جا اگهه ايترا وڌائي ڇڏيا آهن جو عوام سسڪي رهيو آهي.مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال هن وقت بدترين سطح تي آهي ۽ ورلڊ بينڪ پاڪستان جي باري ۾ چيو ته ترقي جي شرح 2.4 سيڪڙو اچي چڪي آهي.ان موقعي تي شهباز شريف واضح ڪيو ته 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن آهي ۽ ڀارتي ظلم، زيادتي ۽ بربريت کي منهن ڏيندڙ ڪشميري ڀيڻ ڀائرن سان جيڪا دهشتگردي ٿي رهي آهي، ان جي لاءِ اسان پوري طرح گڏ آهيون ۽ ان ڏينهن سڄِي قوم سان گڏجي اسان ڪشمير جي آزادي جي لاءِ ڀرپور جوش ۽ جذبي سان پنهنجو اٿارينداسين.هن چيو ته حڪومت هر هر چوي ٿي ته اسان کي معيشت خراب حالتن ۾ ملي پر جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي ته معيشت جي ڏاڍي سڄي حالت هئي ۽ جيڪڏهن اڄ به شفاف اليڪشن جي نتيجي ۾ مسلم ليگ ن ۽ مخالف کي قوم جي ٻيهر خدمت جو موقعو مليو ته 6 مهينن ۾ معيشت کي پيرن تي بيهارينداسين.هن وڌيڪ چيو ته اسان ملڪ مان بيماري، غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين.