شهباز شريف جي زرداري ۽ بلاول سان ملاقات، نيب خلاف گڏجي مزاحمت ڪرڻ تي اتفاق، رهبر ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو

ڪراچي :- پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ پي ٽي آءِ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو . اي پي سي جي ايجنڊا تي صلاح مشورن لاءِ رهبر ڪميٽي جو اجلاس اڄ ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچي ياترا تي پهتل شهباز شريف جي بلاول هائوس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي. صوبي ۾ برسات جي هاڃن سوڌو ملڪ جي سياسي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا. ملاقات بعد پريس ڪانفرنس دوران پ پ ۽ نواز ليگ اڳواڻن چيو آهي ته 2 سال گذرڻ باوجود پي ٽي آءِ سرڪار کي اها خبر ناهي پئي ته ڇا ڪرڻو آهي،حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ اپوزيشن جماعتن طرفان گڏيل لائحه عمل جوڙڻ جي ضرورت آهي، 72 سالن گذرڻ کانپوءِ ملڪ ۾ تجربا ڪرڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي، وفاقي پارلياماني نظام سان هٿ چُراند جا خوفناڪ نتيجا نڪرندا، ملڪ هلائڻو آهي ته 73 واري آئين تي اکيون ٻوٽي عمل ڪرڻو پوندو، وفاق سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪم ڪري ته جيئن برسات سبب ٿيل نقصان جو ازالو ٿئي ۽ اڳتي لاءِ بهتر انفراسٽرڪچر ٺاهيو وڃي. پ پ ۽ ن ليگ رهبر ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ن ليگ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته نواز شريف کان انتقام ورتو پيو وڃي، حڪومت احتساب جي نالي تي انتقام وٺي پئي. هن چيوته ملڪ ۾ اهڙي قسم جو احتساب نه هلندو، جمهوريت تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، صدارتي نظام جون ڳالهيون ڇو ٿين پيون؟. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جي خاص مددگارن بابت جاچ ٿيڻ گهرجي. ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چڇيو ته حڪومت معيشيت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيوته حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، رهبر ڪميٽي جي اجلاس بعد اي پي سي ٿيندي. احسن اقبال چيو ته رهبر ڪميٽي ۾ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اڄ پاڪستان جي عوام کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي، برسات سبب سنڌ ۾ نقصان ٿيو، برسات سبب ماڻهن جا فصل تباهه ٿي ويا. هن چيو ته هو متاثرن سان همدردي لاءِ آيا آهن، وفاق سنڌ حڪومت سان گڏجي پيڪيج جو اعلان ڪري. سندس چوڻ هو ته برسات سبب ٿيل نقصان تي آبادگارن جي به مدد ڪئي وڃي، سڄي قوم متاثرن جي ڏک ۾ شريڪ آهي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جا ڪراچيءَ ۾ برسات متاثر علائقن جا دورا، شهرين جو واهر نه ٿيڻ تي متاثرن جون دانهون، شهباز شريف جو چوڻ آهي ته برسات سبب ٻڏي ويل ڪراچيءَ تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، وفاق ٻڌائي سنڌ لاءِ اربين رپين جا فنڊ ڪِٿي آهن، سنڌ سرڪار سان گڏجي وفاق کي ترقياتي ڪم ڪرائڻ گهرجن، هو ڪراچي شهر جون روشنيون گهٽ ٿيڻ نه ڏيندا، حڪومت جي اسڪينڊلز جي جاچ ٿيڻ گهرجي