شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (سلوٽا) پاران يونيورسٽي اندر زبردستي آئسوليشن مرڪز ٺاھڻ خلاف مينيجمينٽ فيڪلٽي اڳيان احتجاج

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (سلوٽا) پاران اڄ 03 مئي تي ضلعي انتظاميه ۽ يونيورسٽي انتظاميه خلاف يونيورسٽي اندر زبردستي آئسوليشن مرڪز ٺاھڻ خلاف مينيجمينٽ فيڪلٽي اڳيان احتجاج ڪيو ويو.
سلوٽا جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ملاح احتجاجي ريلي سان ڲالھائيندي چيو ته سنڌ گورنمينٽ طرفان جاري ڪيل SOPs جي خلاف ورزي ڪندي انتظاميه ٽيچرس رھائشي ڪالوني جي ڀرسان آئسوليشن مرڪز ٺاھي ٽيچرس ۽ ملازمن جي ڪٽنبن جون زندگيون دا۽ تي لڳايون ويون آھن, جيڪو ھڪ غير انساني ۽ غير ذميواري جو مظاھرو ڪيو ويو آھي.
سلوٽا جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر اختيار علي گھمرو ڳالھائيندي چيو ته اڪيڊمڪ بلاڪن جا زبردستي تالا ٽوڙي ڪرسيون ۽ فرنيچر کي بيدردي سان ٻاھر اڇلائي ڪري نقصان ڏنو ويو آھي جنھن سان ضلعي انتظاميه جي غير ذميواري ظاھر ٿي پئي آھي.
اڳواڻن وڌيڪ ڲالھائيندي چيو ته ھڪ طرف يونيورسٽي آنلائن ڪلاسن جي تياري ۾ مصروف آھي ته جيئن شاگردن کي مستقبل جي نقصان کان بچائي سگھجي ۽ ٻئي طرف ضلعي انتظاميه يونيورسٽي ۾ غير يقيني جي حالت کي ھوا ڏئي رھي آھي. ھنن يونيورسٽي انتظاميه جي بي حسي کي ننديندي چيو ته وائس چانسلر کي ضلعي انتظاميه سان سخت موقف رکي ڪري آئسوليشن مرڪز يونيورسٽي کان ٻاھر منتقل ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
اڳواڻن وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه کان مطالبو ڪيو ته ضلعي انتظاميه کان زندگيون ۽ تعليمي ماحول کي دا۽ تي ھڻڻ تي پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ فوري طور آئسوليشن مرڪز يونيورسٽي کان ٻاھر منتقل ڪيو وڃي ته جيئن آنلائن ڪلاسن جي بندوبست ۾ رڪاوٽ کي ھٽائي سگھجي.