شاگرد يونين جي بحالي لاءِ پروگريسو شاگرد اتحاد جي سڏ تي ملڪ جي 50 شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي :- پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو جي سڏ تي ڪالهه جمعي ڏينهن ملڪ جي پنجاهه کان وڌيڪ شهرن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي نڪتل ريلين ۽ جلوسن ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونينون بحال ڪيون وڃن. شاگردن جو چوڻ هو ته جنرل ضياءُ الحق شاگرد يونين مٿان پابندي لڳائي روشن خيال سياست جي نرسرين کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شاگرد اڳواڻن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني 2008 ۾ پنهنجي پهرين خطاب ۾ شاگرد يونين جي بحاليءَ جو اعلان ڪيو هو ۽ آگسٽ 2017 ۾ سينيٽ ۾ متفقه قرارداد ۾ شاگرد يونين جي بحالي جو مطالبو ڪيو ويو هو پر اڄ تائين اهي واعدا پورا نه ڪيا ويا آهن. پيرائتي خبر موجب اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو، انقلابي شاگرد محاذ، پي ايس ايف ۽ بي ايس او سميت 12 شاگرد تنظيمن اسلام آباد، لاھور، ڪوئٽا، پشاور، ڪراچي، حيدرآباد، نوشھرو فيروز، لاڙڪاڻو، خيرپور، قمبر ۽ مورو سميت 50 کان وڌيڪ شھرن ۾ مارچ ڪڍيا.  مارچ ۾ عوامي ورڪرز پارٽي، ناري جمهوري محاذ، جساف ۽ ٻين تنظيمن سميت سول سوسائيٽي، مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنهن دوران هنن انقلابي نعرن ۽ نظمن سان گڏ پنهنجا مطالبا پڻ ورجايا. لاهور ۾ ناصر باغ مال روڊ تي مختلف شاگرد تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شاگردن کي بينرز ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا، جن تي مطالبن جي حق ۾ نعرا لکيل هئا. ڪراچي ۾ مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين پيرين پنڌ مارچ ڪيو ۽ دهل وڄائي جهمريون هڻي اسٽوڊنٽ يونين جي بحالي جو مطالبو ڪيو. مارچ ۾ شاگردياڻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪراچي ۾ ٿيل مارچ ۾ بلوچستان ۽ گلگت بلتستان سان تعلق رکندڙ شاگردن پڻ شرڪت ڪئي، وفاقي راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ به شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ يونين جي بحالي لاءِ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ڪوئيٽا ۾ به بلوچستان يونيورسٽي سميت مختلف درسگاهن ۾ شاگرد تنظيمن تي پابندي خلاف احتجاج ڪيو ويو. خيبرپختونخواهه جي گادي واري شهر پشاور ۾ پڻ شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ صوبائي اسيمبلي پهچي پرامن طور ڇڙوڇڙ ٿي ويا.  حيدرآباد ۾ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي پاران ايس پي چوڪ کان انيل حب علي، نهال عباسي، جئي ڪمار، سانجها چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ميرپورخاص ۾ سوين شاگردن، شاگردياڻين، وڪيلن، استادن ۽ سماجي اڳواڻن اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري شاگرد يونين جي بحالي لاءِ شديد نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي محمد بخش ڪپري، مير مظهر ٽالپر، عبدالرئوف آرائين، ڊاڪٽر منٺار ٿيٻو، ڊاڪٽر جاويد مري، مظهر عباسي، بينور حميد، شاگرد ايوب ۽ ٻين خطاب ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ به پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي پاران خان غفار خان، ڪامريڊ عتيق چانڊيو، ايس يو پي اڳواڻ محمود ڀٽو، عوامي ورڪرز پارٽي جي سينگار نوناري، جيئي سنڌ محاذ جي نور سنڌي، قمبر يوٿ فورم جي ڪامريڊ اياز علي، چانڊڪا جي شاگرد ڊاڪٽر عمران علي، باڊهه نوجوان اتحاد جي صدام جوڻيجو، سنڌي ادبي سنگت جي ستار هليو، استاد خالد چانڊيو، سجاڳ ٻار تحريڪ جي اعتزاز احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي ٽئنڪ چوڪ کان پريس ڪلب تائين شاگرد مارچ ڪيو ويو. خيرپور جي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن پاران شاگرد يونين تنظيم کي بحال ڪرڻ لاءِ سينٽرل لائبريري کان اسٽوڊنٽ سروس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.  قمبر ۾ شاگرد اتحاد طرفان اياز ٻرڙو، سيد اخلاق شاهه، امر هڪڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.  سانگهڙ ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران مرڪزي اڳواڻ حسن عسڪري، ضلعي صدر بخش مڱريو،جنرل سيڪريٽري قيوم لانڊر ، يوٿ سيڪريٽري نعمان مڱريو بچو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بادشاهه چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي.  نوشهروفيروز جي مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ڪئمپس جي شاگردن پاران شاگرد يونين جي بحاليءَ لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي سنڌيونيورسٽي ڪئمپس کان شروع ٿي ۽ شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهتي. ريلي ۾ شامل شاگرد شاگرد يونين بحال ڪيو جا اڀ ڏاريندڙ نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي شاگردن ڪامران تڳر، صديق راڄپر، آفتاب منگي ۽ ٻين خطاب ڪيو.  ڏوڪريءَ ۾ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي پليٽ فارم تان اعزاز سنڌي، شيراز سنڌي ۽ سخيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪڍي شهر جي بازارن جو گشت ڪيو ويو.  ٽنڊي ڄام ۾ زرعي يونيورسٽي جي شاگرد ايڪشن ڪاميٽي پاران دودو سومرو، رضوان علي، مومن ويسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪئمپس کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  شهدادپور ۾ اسٽوڊنٽس فورم پاران انجينيئر علي دوست عمراڻي، زاهد سنڌي، سجاد ابڙو، اشرف عمراڻي، وقار لغاري ۽ جاويد ڪيريو، سول سوسائٽي سنڌ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ غلام مصطفي سومرو جي اڳواڻي ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽ ڪليڪٽو ۽ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران نڪتل ريلين جي حمايت ۾ لطيف پارڪ کان شهدادپور پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. مورو م پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن طرفان “شاگرد يڪجھتي مارچ” ڪيو ويو، جنھن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي حلقي سان تعلق رکندڙن شاگردن شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مارچ مورو شھر جي دادو باءِ پاس کان ڪامريڊ يونس راھو، ھاشم کوسو، رضوانہ شاھ، افسانہ، اُجالا انيلا عادل، اڪبر، امير لغاري، سردار ٻرڙو، سليم جتوئي، وزير فرھاد سولنگي، خالد ساحل ڪيريو، خير محمد مزمل، ابرار ميمڻ، شاويز جاويد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتو.   ريلين کي خطاب ڪندي شاگرد اڳواڻن چيو ته تعليم کي نفعي خوري جي ڪاروبار ۾ تبديل ڪري تعليمي معيار کي ھيٺين سطح تي آندو ويو آهي ۽ ڳاٽي ٽوڙ فيسون ورتيون پيون وڃن، اھڙي صورتحال ۾ محنت ڪش طبقو ته پري جي ڳالهه پر وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ نوجوانن لاءِ به تعليم پرائڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. هنن چيو ته شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومتي سطح تي اڄ ڏينھن تائين ڪا به سنجيده ڪوشش ناھي ڪئي وئي، جڏھن ته شاگرد يونين تي پابندي مڙھي سندن جدوجهد جي رستا روڪ ڪئي وئي آھي. سندن چوڻ هو ته شاگردن کي درپيش وڏن مسئلن ۾ ھر آئي ڏينھن وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ فيسون، تعليم ۽ تعليمي ادارن کي خانگائڻ، شاگردياڻين کي ھيسائڻ، جبري گمشدگيون، ھاسٽلن جي کوٽ، ھاسٽلن ۽ تعليمي ادارن ۾ بنيادي سھولت جي اڻھوند شامل آھن. جڏھن ته شاگرد اھڙي قسم جي ھزارين ٻين مسئلن کي منھن ڏين پيا. هنن مطالبو ڪيو ته طبقاتي تعليمي نظام ختم ڪري شاگرد يونين تي مڙھيل پابندي ختم ڪئي وڃي، فيسن ۾ تازي واڌ واپس ورتي وڃي ۽ ايندڙ 5 سالن تائين ان ۾ ڪا واڌ نه ڪئي وڃي. تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مداخلت فوري طور بند ڪئي وڃي ۽ سياسي قيدي شاگردن تان ڪيس واپس وٺي کين بنا دير آزاد ڪيو وڃي. ھر تعليمي اداري ۾ جنسي ھيسائڻ خلاف قانون تحت ڪميٽيون جوڙي انھن ۾ شاگردن ۽ عورتن جي نمائندگي يقيني بڻائي وڃي. بلوچستان يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل جنسي ھيسائڻ واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. تعليم ۽ تعليمي ادارن کي خانگائڻ بند ڪيو وڃي. مڙني تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي ھاسٽلن، پاڻي ۽ شٽل سروس سميت سموريون سهولتون مھيا ڪيون وڃن. آپريشن دوران تباھ ٿيل تعليمي ادارن کي ھنگامي بنيادن تي تعمير ڪيو وڃي. سمورين قومي ٻولين کي گھٽ ۾ گھٽ پرائمري تائين لازمي تعليم جو ذريعو بڻايو وڃي. ڪل جي ڊي پي جو 5 سيڪڙو تعليم لاءِ مختص ڪيو وڃي.