شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ بعد گينگ ريپ جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس ۾ 3 جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور: وارثن پارن ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جو مطالبو

ملير : ملير ۾ فرسٽ ايئر جِي شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ بعد گينگ ريپ جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس ۾ 3 جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور، ملير جي عدالت سميع الله، فواد ۽ عادل پنجابي کي 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدار اڃا تائين فرار آهن، متاثر شاگردياڻي شديد ذهني دٻاءُ جو شڪار بڻيل آهي، شاگردياڻي جي پيءُ سليمان راڄپر پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. گلشن حديد جي گورنمنٽ گرلز ڪاليج مان موڪل ملڻ مهل فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي ارڙھين ورھين جي بشرا ڌي سليمان راڄپر راڄپر ڪاليج جي دروازي تي بيٺل 5 نوجوانن ھٿان کنڀجي ويئي، شام تائين گھر نہ موٽڻ تي والد سلمان راڄپر 15 پوليس تي اطلاع ڏيئي ڳولا شروع ڪئي ٻن ڏينهن کان پو۽ کيس ڊفينس پوليس طرفان اطلاع مليو تہ سندس نياڻي بي هوشي جي حالت ۾ رستي تان ھٿ آئي آھي جنھن کي وٺي وڃن اطلاع بعد شاگردياڻي جي والد ڊفينس ٿاڻي پھچي نياڻي کي سندس گھر شاھ ٽائون پپري آندو جتي نياڻي هوش ۾ اچڻ کان ڏکوئيندڙ انڪشاف ڪندي گھروارن کي ٻڌايو تہ ڪاليج وٽان اغوا ڪندڙ 5 نوجوانن ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪئي آھي اھڙي انڪشاف بعد وارثن اسٽيل ٽائون ٿاڻي پھچي ڪيس داخل ڪرايو جنھن تي اسٽيل ٽائون پوليس مختلف ھندن تي ڇاپا ھڻي نامزد جوابدارن مان فواد ۽ سميع سميت ٽن ڄڻن کي گلشن حديد مان جڏهن ته چوٿين جوابدار کي لاهور مان گرفتار ڪرڻ جي دعوٰي ڪئي آھي ان موقعي تي نياڻي جي والد ۽ استاد تنظيم پ ٽ الف ملير بن قاسم جي اڳواڻ سلمان راڄپر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ظالمن منھنجي نياڻي سان ظلم جي انتھ ڪئي آھي ھن افسوس جو اظھار ڪندي چيو تہ اسان جون نياڻيون پڙھڻ لاءِ ڪاليج وڃن ٿيون جن جون عزتون بہ محفوظ ناھن مون سميت نياڻين جو ھر والد قانون اڳيان انصاف لاءِ سواليہ نشان بڻيل آھي جوابدارن کي جوڳي سزا نہ ملي تہ اسان جو جيئڻ بيڪار ھوندو، هوڏانهن اطلاع متاثر استاد جي گهر آيس ايس پي ملير عرفان بہادر پهچي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.