شاگردياڻي سائرا ٿهيم واري معاملي تي لمس انتظاميا هڪ استاد کي چتاءُ ۽ ٻئي خلاف چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي

ڄامشورو :- گرلس ريسڪيو سينٽر جي انچارج آغا اعجاز پاران شاگردياڻي سائرا ٿهيم واري معاملي تي رپورٽ پيش ڪرڻ بعد ٿيل سفارشن تي يونيورسٽي انتظاميھ عمل شروع ڪري ڇڏيو.لمس انتظاميھ هڪ استاد کي وارننگ ۽ ٻئي استاد خلاف چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي.چارج شيٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي  تھ استاد شفقت شاهه ڇوڪرين سان غيرمهذب رويو رکيو.چارج شيٽ ۾ڄاڻايو ويو تھ استاد شفقت شاهه ڇوڪرين کي مختلف وقتن تي ذهني ۽ جسماني طور هيسايو.چارج شيٽ ۾ استاد شفقت شاهه کي ستن  ڏينهن اندر پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اطمينان جوڳي صفائي پيش نھ ڪرڻ تي يونيورسٽي ڪوڊ  آف ڪنڊڪٽ موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.وارننگ ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ استاد احسان ميمڻ شاگردياڻين سان بداخلاقي وارو رويو رکيو،  اهڙي رويي سبب شاگردياڻيون ڊپريشن ۽ نااميدي جو شڪار ٿيون.وارننگ ليٽر ۾ استاد  احسان ميمڻ کي پنهنجو رويو درست ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن تھ ڪنهن بھ شاگردياڻي کي ذاتي طور تي ٽارگيٽ ڪرڻ کان پڻ روڪيو ويو آهي.