شاهپورجهانيان ۾ افغاني سميت ڌارين جي نيڪالي لاءِ جسقم پاران ريلي ۽ ڌرڻو

شاهپورجهانيان:- شاهپورجهانيان ۾ جسقم پاران سنڌ مان افغانين سميت ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ جسقم ضلعي نوابشاه جي جنرل سيڪريٽري گل ڏاهري، سيف ٻگهيو، شهزاد سولنگي، منظر حسين لانگاهه، سرڪش لغاري، سڪندر ٻگهيو، لالا يوسف، نعيم احمد چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهري گو افغاني گو، نه کپن نه کپن افغاني پٺاڻ نه کپن، سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جا روزدار نعرا هنيا، مظاهري کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ افغانين، برمين، بھارين، بنگالين ۽ ٻين ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته اسان سمجھون ٿا ته ڌارين کي آباد ڪري سنڌين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، سنڌين کي بيروزگار ڪري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، 30 جون افغانين جو مدو پورو آھي، ان ڪري سمورن افغانين سميت ٻين ڌارين کي به نيڪالي ڏني وڃي.