شاهه لطيف ايوارڊ تقسيم، ناليوارن فنڪارن سر وکيري پانڌيئڙن کي جهومائي ڇڏيو

ڀٽ شاھ :- وزير اعلا سنڌ سيد مراد علي شاهه ڀٽ ڌڻي جي عرس مبارڪ جي اختتامي تقريب ۾ شاهه لطيف ايوارڊ تقسيم ڪيا ، لطيفي راڳ جي محفل دوران ايوارڊ تقريب ۾ صوبائي وزير سيد سردار شاهه ، صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ، صوبائي وزير عبدالباري پتافي بـ موجود آهن ، ان موقعي تي ڀٽائي جي راڳي فقير گل محمد پهوڙ سميت بهترين محقق جو سيد علي مير شاهه ، بهترين سازندو جو محمد طالب ڪوهستاني ،بهترين سگهڙ جو ڏاتو ڏتل ابڙو ، بهترين ڳائڻو دين محمد ساز ، شاهه جو حافظ 100 ڄمار وارو ناٿو خان لنڊ ۽ ڪرسٽوفر شيڪل کي خصوصي شاهه لطيف ايوارڊ ڏنو ويو ـ  ٻئي طرف ڀٽ شاهه جي ڪراڙ جي ڪپ تي شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه آڊيٽوريم هال ۾ لطيفي راڳ رهاڻ جي محفل جاري رهي، ڀٽائي جي راڳي فقيرن گل محمد ۽ ٻين ساٿين دنبوري جي تند سان شاهه جي ڪلام ڳائي محفل جي شروعات ڪئي وئي، صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه ، صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ عبدالباري پتافي ۽ ٻين راڳ رهاڻ جي محفل ۾ شرڪت ڪئي راڳ رهاڻ جي محفل ۾ ملڪ جي جي مشهور فنڪارن پنهنجي من موهيندڙ مٺڙي آواز سان محفل موسيقي ۾ شامل فنڪارن ڀٽائي گهوٽ جي شاعري،صوفياڻا ڪلام، ۽ قومي گيتن سان گڏ سنڌي مشهور ڪلام ٻڌائي عوام کان تاڙين وسيلي داد وصول ڪيو ۽ سڄي رات هال ۾ وڏي شوق سان محفل موسيقي ٻڌي ۽ فنڪارن کي بهترين ڪلام پيش ڪرڻ تي لاجواب داد ڏيندا رهيا ڪراڙ جي ڪپ تي شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه آڊيٽوريم ۾ سنڌ سميت ملڪ جي مشهور فنڪارن شمن علي ميرالي,صنم ماروي, دلبرجلال چانڊيو,انب گوپانگ, عابد حسين, منور جسڪاڻي, حاڪم علي جوڳي, انورعلي زرداري, شھباز  الهداد زرداري, اياز سمون, صدرالدين شاھ ۽ ساٿي, جنسارسمون, مشرا ماروي, اويس جمن ۽ ٻين سنڌي فنڪار سڄي رات پرھ ڦٽي تائين سر وکيريا جڏهن ته آڊيٽوريم ۾ هزارين جي تعداد ۾ موجود ماڻھن فنڪارن کي ٻڌي تاڙيون وڄائي کين داد ڏنو راڳ رهاڻ ۾ سنڌ ،پنجاب ۽ بلوچستان جا بهترين راڳي فنڪار ڀٽائي جي ميلي دوران محفل موسيقي ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ٻين فنڪارن دهل،شرنائي،بانسري،سميت ٻين سازن تي ڪلام ٻڌايا ته عوام سان ڀريل پنڊال گرمائجي ويو هر پاسي حق لطيف ڀيڄ لطيف جا نعره لڳندا رهيا ته سرن سازن،۽ آواز سان سڄي محفل مهڪي پئي پنڊال ۾ ويٺل عوام نچڻ ڪڏڻ تي مجبور ٿي پئي عوام پاران فنڪارن کي تاڙين سان خوب داد ڏيندا رهيا راڳ رهاڻ جي محفل کي ياسر قاضي ۽ نصير مرزا راڳ رهاڻ جي محفل کي ڪمپيئرنگ ڪئي ،جڏهن ته محفل ۾ ڪيترن ئي فنڪارن پڻ لطيف جي شاعري مان بهترين ڪلام ٻڌائي محفل کي پڄاڻي تي پهچايو.