شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 276 هين عرس مبارڪ جي پهرئين ڏينهن ملاکڙو ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا منعقد ڪيا ويا ۽ سگهڙ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي

ڀٽ شاهه : حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 276 هين عرس مبارڪ جي پهرئين ڏينهن ملاکڙا گرائونڊ ۾ اسپورٽس کاتي پاران سنڌ جي ثقافتي زور آزمائي واري راند ملهه جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ناليوارن ملهه پهلوانن قربان هوتي پوٽو، منٺار بگٽي، صابن هوتي پوٽو، مدارخ ميربحر، سائين بخش بگٽي، سلام ڪوش، گلاب شاهه، برڪت ميراڻي، عابد ٿهيم، فدا ملاح ۽ ٻين جانٺو، پاسو، قينچي، ٻچي، ڦيري ۽ 32 کان وڌيڪ گرن جو استعمال ڪندي مخالف پهلوانن کي شڪست ڏني ۽ تماشائين کان خوب داد وصول ڪيو. ٻئي پاسي عرس مبارڪ دوران گهوڙن جي ڊوڙ پڻ منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ اعليٰ ديسي ۽ پرڏيهي نسلن جي گهوڙن ڊوڙ ۾ حصو ورتو. جڏهن ته ٻئي پاسي عرس مبارڪ جي پهرئين ڏينهن ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه ۾  ثقافت کاتي جي ميزباني هيٺ سگهڙ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ سنڌ جي ناليواري سگهڙن نياز حسين، محرم اڄڻ، تاج محمد هاليپوٽو، عاجز رحمت الله لاشاري، دوست علي پهوڙ، غلام نبي، رستم فقير، فقير احمد پوش، عبدالستار پريو ۽ ٻين ڏور، ڏهس، نڙ، بيت، پرولي، هنر، منقبت ۽ سينگار سميت لوڪ ادب جون ٻيون صنفون پيش ڪري شرڪت ڪندڙن کان خوب داد وصول ڪيو. ڪلچر کاتي حڪومت سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سليم سولنگي جي نگراني ۾ سگهڙ ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو جڏهن ته ڪانفرنس جي نظامت تاج محمد هاليپوٽي ڪئي.