شاهه عبداللطيف ڀٽائي امن، محبت ۽ انسانيت جو درس ڏيندڙ شاعر قرار

ڀٽ شاهه (عبدالواحد عمراڻي):- شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس تقريبن جي ٻئي ڏينهن ادبي ڪانفرنس ۾ اديبن ۽ ليکڪن شاهه عبداللطيف کي امن، محبت ۽ انسانيت جو درس ڏيندڙ شاعر قرار ڏنو آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي پاران لطيف ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس ۾ درگاھ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي گادي نشين سيد وقارحسين شاھه لطيفي، اديب ۽ دانشور فھميدا حسين، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر نواز شوق، خليل احمد شيخ،  زاھده حنا، ڊاڪٽر ساديا ڪمال، عامر فياض ٻرڙو،  انب گوپانگ، تاج جوئي، ڊاڪٽر صحر حسين، شبنم گل، آغا ظفر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ادبي ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري پرويز احمد سيھڙ ۽ ڊي جي ڪلچر منظور قناصرو پڻ شريڪ ٿيا. ادبي ڪانفرنس ۾ جڳديش لڇاڻي جي ڪتاب تون ڏاتار آئون ڏڏ  سميت ثقافت کاتي جي ڇپرايل سوونير 2019  جي مھورت ڪئي وئي. ان موقعي تي مقررن پنهنجي خطاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي. سندن چوڻ هو ته ڀٽائي جو ڪلام آفاقي آھي، جنهن ۾ ساموري انسانيت جي ڀلائي سمايل آھي. اديبن ۽ ليکڪن چيو ته ادبي ڪانفرنس مان پوري دنيا کي اھو ميسيج وڃڻ گھرجي ته لطيف جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري وارو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ انسانيت جو درس آھي.