شاهه جو ڪلام – وطن جي سڪ جو پيغام: ليکڪ حسيب ناياب منگي

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کي انسانيت جو شاعر تسليم ڪيو ويو آهي، سندس شاعري کي عالمگير اپيل تسليم ڪندي شعرن جي دلڪشي ۽ ٻولي جي نوعيت جي جيڪا ساراهه ٿي آهي، سا ڪنهن ٻئي شاعر جي حصي ۾ نه آئي آهي. شاهه ئي اهو ڪوي آهي، جيڪو صدين کان سنڌين جي دلين جو راڄ ڌڻي آهي. سندس پيغام تنگ نظريي لاءِ قاتل زهر ۽ محبت جي لاءِ حقيقت جي منزل ڏيکارڻ وارو آهي. پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جنهن شاهه جي رسالي تي تمام گهڻي محنت ڪري اهو احسان ڪيو جو سندس سمجهاڻي اسان جي نوجوان نسل کي شاهه جو پيغام سمجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. شاهه جي رسالي ۾ شاهه جي ڪلام جي واکاڻ ڪندي لکي ٿو ته “شاهه هڪ اعلي درجي جو وطن دوست هو. سندس زندگي توڙي ڪلام، سندس حب الوطنيءَ جي فراوان شاهدي ڏين ٿا. شاهه جي دل ۾ سنڌ ڏيهه لاءِ بيحد محبت هئي، جا رسالي ۾ پاريون ڪري پلٽي آهي. ٻوليءَ نظم ۽ خيالات جي لحاظ کان، شاهه صاحب جو رسالو، حب الوطنيءَ جو هڪ بي نظير دفتر آهي”.

اها حقيقت آهي ته شاهه جو رسالو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي محبت سان ٽمٽار آهي. شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ مختلف ڪردارن جي ذريعي جيڪي اڻ مٽ نقش چٽي ويو آهي، سي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. سندس ڪلام مان ثابت ٿو ٿئي ته وطن جي سڪ من ۾ سمائڻ ۽ وطن جي ذري ذري سان محبت ڪرڻ جو ڪيڏو وڏو مقام آهي. وطن کي اکين سان ڏسڻ، وطن جي حفاظت ڪرڻ ۽ وطن جي مٽ ڪنهن ٻئي ديس کي نه ڀانئڻ سڳوري بخت واري جي علامت آهي.لطيف سائين جيڪو صديون اڳ مارئي جي سوچ کي پنهنجي لفظن ۾ پيش ڪندي هڪ روشن خيال ڏئي ويو ته پنهنجي ديس ۽ ديس ۾ موجود ماروئڙن کي ڪنهن به قيمت تي مٽائڻ جو ڪم انهن کان نٿو ٿي سگهي، جن جي من ۾ پنهنجي وطن جي محبت زندهه آهي. ڇو جو وطن دوستي يا ساڻيهه جي سڪ ئي اهو احساس ڏياريندي آهي ته انسان پنهنجي سوچن سان گڏ عملي قدم توڙي پاڻ پتوڙي وطن سان سچائي ڏيکارڻ ۾ ڪيترو حق تي رهي ٿو. ڏک هجي ته سک جي تلاش لاءِ وطن يا ماروئڙن ڏانهن منهن موڙهي ڇڏڻ نيڪي ته ناهي. پنهنجي وطن جي چاهت من ۾ باقي آهي ته اباڻي ڌرتي تي انهن ڪکن ۾ رهڻ به محل ۽ ماڙي کان وڌيڪ افضل آهي، جتي انسان پنهنجي ڌرتي کان منهن ڦيري وڃي ۽ ماروئڙن جي محبت کي وساري کين ڇڏي وڃي. مارئيءَ جي بهادريءَ سان گڏ همت ۽ وطن جي محبت جو هي مثال ڪيڏو نه بهترين آهي:

اي نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي،

اچي امر ڪوٽ تي ڪنديس ڪان ڪريت،

پکن سندي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.

پنهنجي ديس جي ماروئڙن سان مضبوط تعلق جوڙڻ ظاهري طور تي پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ ۽ پنهنجي ڌرتي کا ڏور نه ٿيڻ جي علامت آهي. اهڙي نشاني تعلق جي صورت ۾ انسان جي ظاهري وجود کان به اڳ جي جڙيل آهي. شاهه سائين انسانن کي اهو ياد ٿو ڪرائي ته اهو تعلق ڀلا ڪيئن ٿا ٽوڙي سگهون؟ جيڪو ان وقت کان جڙيل آهي جڏهن الست بربڪم وارو پڙاڏو ڪن تي پيو ۽ قالو بليٰ جو اقرار ڪيو هيوسين:

الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،

قالوا بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم،

تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.

پنهنجي وطن ۽ ماروئڙن جي محبت کان اگر ڪابه لالچ اسان کي پري ڪري ته ان جو به لاجواب مثال شاهه عبداللطيف ڀٽائي وٽ اهو آهي ته اهڙي حالت ۾ پنهنجي وطن ۽ ماروئڙن جي محبت وارو سڳو سون جي برابر سمجهڻ گهرجي. شاهه صاحب ته پنهنجي وطن لاءِ سڪندي ان کي ساريندي دم ڏيڻ جا مثال ٿو ڏيئي ۽ اهو پڻ مارئيءَ جي مثال سان ٻڌائي ٿو ته مرڻ کانپوءِ پنهنجي وطن جي ولين جو واس ۽ پنهنجي وطن جي ڌرتيءَ منجهه واپس وڃڻ افضل آهن.شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح مارئيءَ جو مثال ڏيندي وطن جي حب جو سٺو مثال ڏيندي چوي ٿو ته وطن جي ڳالهه ٻڌي، زنجيرون لهي ويون، اندر جا غم ميٽجي ويا، سمورا درد لهي ويا ۽ سکن منهن ڏيکاريو:

سُڻي ساڻيهه ڳالهڙي، لهي ويا لوه،

اندر جا اندوه، لٿا ڏک، سک ٿيا.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح متعلق آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪندڙ ايڇ. ٽي سورلي هڪ هنڌ لکيو آهي ته “شاهه صاحب جو ڪلام هن قابل آهي ته ان مان هاڻوڪي کان وڌيڪ وسيع حلقو ماڻهن جو فائدو وٺي”. سو اسان سڀني لاءِ شاهه جي رسالي جا ورق هڪ لکيل پيغام ٿا آڇين. اسان لاءِ ضروري آهي ته ورق ورق ورائي ان مان معنيٰ جا موتي هٿ ڪريون ۽ پنهنجي نوجوان نسل کي شاهه سائين جي پيغام مان پنهنجي وطن سنڌ ڌرتي جي محبت ۽ ان جي اهميت ٻڌائي هڪ طرف ته فرض جي ادائگي ڪريون ٻئي طرف شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جهڙي ڪوي جي شاعراڻا حيثيت کي به اجاگر ڪريون.

سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.