شاهد مسعود شاهه جي 4 ڀائرن سميت 7 ڄڻا کنڀي گم

ڪراچي :- ڪراچي ۾ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد مسعود شاهه جا 4 ڀائر به ٽن ساٿين سميت کنڀي گم ڪيا ويا آهن.

مسعود شاهه جي ننڍي ڀاءُ سيد علي شاھه عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته رات دير سان اسان جي گهر تي پوليس ۽ ٻُٽ ٻڌل ماڻهن چڙهائي ڪري منهنجي 4 ڀائرن آفتاب شاهه، جنيد شاھه، غفار شاھه، منظور شاهه، سندن ساٿين انيل حمايتي، غني مستوئي ۽ سهيل حمايتي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، ان کان اڳ 20 سيپٽمبر منهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ارشاد رانجهاڻي قتل جي ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد مسعود شاھه ۽ سندس دوست شوڪت مرکنڊ کي گم ڪيو ويو هو، پوليس ارشاد رانجهاڻي جو ناحق خون لوڙهڻ لاءِ منهنجي ڀائرن کي گم ڪيو آهي.

هوڏانهن جيئي سنڌ تحريڪ جي قائم مقام صدر عبدالفتاح چني، قومپرست اڳواڻن اسلم خيرپوري، امير آزاد پنهور ۽ ٻين جبري طور گم ڪيل مسعود شاھه ۽ سندس ڀائرن جي آزادي جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته جيڪڏهن انهن جو ڪو ڏوھه آهي ته کين عدالتن ۾ آندو وڃي، جبري گمشدگيون انساني حقن جي لتاڙ آهن.