شام جي مسئلي تي صدر ٽرمپ سان ڳالهيون ڪنداسين: ترڪ صدر

انقره :-  ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته شام جي مسئلي تي صرف صدر ٽرمپ سان سڌي ريت ڳالهيون ڪنداسين. ترڪ صدر پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ آمريڪي صدر ۽ پرڏييه وزير سان مالقات کان انڪار ڪندي چيو ته شام جي مسئلي تي مائيڪ پينس ۽ مائيڪ پومپيو سان نه ملندس. آمريڪي وفد سان نه ڳالهائيندس. آمريڪي وفد ۾ شامل ماڻهو ترڪ هم منصب سان ڳالهيون نه ڪندا. رجب طيب اردگان چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ هتي ايندو ته ان سان ڳالهيون ڪندس. شام جي مسئلي تي صرف صدر ٽرمپ سان سڌي ريت ڊيل ڪنداسين، جڏهن ته ترڪي اردن کي دهشتگرد سمجهي ٿو. ڪرد فروسز سان ترڪ سرحد ويجهو علائقو خالي ڪرڻ تائين جنگبندي ممڪن نه آهي.