شام جي اتر اوڀر ڪرد علائقن ۾ شامي فوج جي آجيان

دمشق : شامي فوج حلب  صوبي جي شهر منج ۽ الحسڪھ صوبي جي شهر تل تمر ۾ داخل ٿي وئي آهي. جتي شهرين پاران انهن جي شاندار آجيان   ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽن مطابق شام جي انهن صوبن ۾ شامي فوج مقرر ڪئي وئي آهي. الحسڪھ صوبي ۾ ڪرد تنظيم واءِ پي جي ، جي ويجهن ذريعن خبر ڏني آهي ته ان علائقي ۾ ڪرد ۽ شامي حڪومت ۾ اتفاق ٿي ويو آهي.  جنهن جي بنياد تي واءِ جي پي ۽ شامي فوج انهن علائقن جو ڪنٽرول سنڀاليندي جيڪي ڪرد جي اختيار ۾ آهن.